راڳن جو راڳ 6 - Sindhi Bible1 اي زالن ۾ تمام سهڻي، تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي وڃي نڪتو آهي، تہ اسين تو سان گڏجي انهي کي ڳوليون؟ 2 منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري. 3 آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو آهي: هو پنهنجو ڌڻ سوسن ۾ پيو چاري. 4 اي منهنجي پياري تون ترضاہ جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم جهڙي خوبصورت آهين، ۽ خوفناڪ اهڙي آهين جهڙو جهنڊن سان لشڪر. 5 پنهنجون اکيون مون کان ڦيراءِ، ڇالاءِ جو هنن مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جي پاسي سان ويٺل هجن. 6 تنهنجا ڏند رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جي وهنجي سهنجي آيون هجن؛ ۽ جن مان هر هڪ کي جاڙا ٻچا هجن، ۽ منجهان ڪابہ بنا ٻچي نہ هجي. 7 تنهنجون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهون جي ٽڪر وانگر آهن. 8 سٺ راڻيون، ۽ اسي سريتون، ۽ بيشمار ڪنواريون ڇوڪريون آهن. 9 منهنجي ڪبوتري، منهنجي بيداغ، فقط هڪڙي آهي؛ هوءَ پنهنجي ماءُ جي هڪڙيئي هڪڙي آهي؛ جنهن هن کي ڄڻيو تنهنجي هوءَ لاڏلي آهي. ڇوڪرين هن کي ڏٺو، ۽ هن کي برڪت واري سڏيائون؛ هائو، راڻين ۽ سريتن، ۽ انهن هن جي ساراهہ ڪئي. 10 اها ڪير آهي جا صبح جهڙي ٿي ڏسجي، چنڊ جهڙي سهڻي، سج جهڙي صفا، ۽ اهڙي هيبت واري جهڙو جهنڊن سان لشڪر؟ 11 آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ. 12 مون کي سماءُ مس پيو تہ منهنجي جان مون کي پنهنجي شاهي قوم جي گاڏين ۾ وڃي وهاريو. 13 اي شولاميہ، موٽي اچ، موٽي اچ؛ موٽي اچ، موٽي اچ تہ اسين تو تي نظر ڪريون. ڇالاءِ اوهين شولاميہ تي نظر ڪرڻ ٿا گهرو جيئن محنائم جي ناچ تي نظر ڪجي؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society