راڳن جو راڳ 1 - Sindhi Bible1 سليمان جي راڳن جو راڳ. 2 ڀلي تہ هو پنهنجي وات جي چُمين سان مون کي چُمي: ڇالاءِ جو تنهنجي محبت شراب کان بهتر آهي. 3 تنهنجن تيلن جي سرهي خوشبوءِ آهي؛ تنهنجو نالو وهايل تيل وانگر آهي؛ تنهن ڪري ڪنواريون ڇوڪريون توکي پيار ٿيون ڪن. 4 مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن. 5 اي يروشلم جون ڇوڪريون، آءٌ ڪاري آهيان، پر سهڻي آهيان، جيئن قيدار جا تنبو آهن، جيئن سليمان جا پردا آهن. 6 مون ڏانهن نہ نهار، ڇالاءِ جو آءٌ سانوري آهيان؛ سج مون کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ماءُ جا پٽ مون تي ڪاوڙيل هئا، هنن مون کي ڊاک جي منهہ جو سنڀاليندڙ ڪيو؛ پر مون پنهنجي ڊاک جو منهہ نہ سنڀاليو آهي. 7 اڙي منهنجي جان جا محبوب، مون کي ٻڌاءِ تہ تون پنهنجي ڌڻ کي ڪٿي ٿو چارين، ۽ ٻہ پهرن جو آرام لاءِ ڪٿي ٿو وهارين: ڇو جو آءٌ تنهنجن سنگتين جي گلن جي ڀرسان رلندي وتان؟ 8 اي زالن ۾ سڀني کان حسين، جي توکي اها خبر نہ آهي تہ ڌڻ جي پيرن تي پنهنجو رستو ڏيو هلي وڃ، ۽ پنهنجن ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي پاسي ۾ چار. 9 اي منهنجي پياري مون، فرعون جي گاڏين جي هڪڙي گهوڙيءَ سان تنهنجي مشابهت ڪئي آهي. 10 تنهنجا ڳل وارن جي زلفن سان سهڻا ٿا لڳن، ۽ تنهنجي ڳچي جواهرن جي سرن سان. 11 اسين توکي سون جون زنجيرون، چانديءَ جي گلن سان جوڙي ڏينداسين. 12 جيستائين بادشاهہ پنهنجي دسترخاني تي ويٺو رهيو، تيستائين منهنجي سنبل جي گل مان خوشبوءِ پئي نڪتي. 13 منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو مُر جو ڇڳو، جو منهنجن ڇاتين تي وچ ۾ پيو آهي. 14 منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي، جهڙو مينديءَ جي گلن جو ڇڳو، جو عين جديءَ جي ڊاک جي باغن مان آهي. 15 ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين؛ تون خوبصورت آهين؛ تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن. 16 ڏس، اي منهنجا محبوب، تون حسين آهين، هائو، دلپسند آهين: اسان جو پلنگ سائو آهي. 17 اسان جي گهر جون ڪامون سرو جون آهن، ۽ اسانجون پٽيون صنوبر جون آهن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society