مڪاشفو 12 - Sindhi Bible1 ۽ آسمان ۾ هڪڙو وڏو نشان ڏسڻ ۾ آيو؛ هڪڙي زال سج سان ڍڪيل نظر آئي، ۽ چنڊ انهي جي پيرن هيٺ هو، ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو هڪڙو تاج رکيل هو. 2 ۽ اها حاملہ هئي ۽ ويم جي سورن کان رڙيون پئي ڪيائين، ۽ ٻار ڄڻڻ جي تڪليف هُيس. 3 ۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا. 4 ۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي. 5 ۽ هن کي پٽ ڄائو، يعني اُهو ٻار جو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪم هلائڻ وارو آهي. ۽ انهيءَ زال جو ٻار خدا ڏانهن ۽ سندس تخت ڏانهن هڪدم کڄي ويو. 6 ۽ اُها زال انهي بيابان ڏانهن ڀڳي، جتي خدا سندس لاءِ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ انهي هنڌ هڪ هزار، ٻہ سؤ ۽ سٺ ڏينهن تائين سندس پرورش ٿئي. 7 ۽ آسمان ۾ جنگ لڳي: ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهي ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ۽ ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ وڙهڻ لڳا؛ 8 پر اهي غالب نہ پيا، ۽ نڪي وري کين آسمان ۾ ڪا جاءِ ملي. 9 ۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا. 10 ۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي. 11 ۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو. 12 تنهنڪري، اي آسمان، ۽ آسمان جا رهاڪو، خوشي ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ، اوهان جي لاءِ افسوس آهي: ڇالاءِ جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوهان ڏانهن لهي آيو آهي، ۽ خبر اٿس تہ باقي ٿورو وقت اٿم. 13 ۽ جڏهن انهي ازدها ڏٺو تہ هو زمين تي ڪيرايو ويو آهي، تڏهن انهيءَ زال کي ستائڻ لڳو، جنهن کي پٽ ڄائو هو. 14 ۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي. 15 ۽ نانگ اُنهيءَ زال پٺيان پنهنجي وات مان نديءَ وانگر پاڻي ڪڍيو، انهي لاءِ تہ کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي. 16 پر زمين انهيءَ زال جي مدد ڪئي، ۽ زمين پنهنجو وات پَٽي جيڪا ندي ازدها پنهنجي وات مان ڪڍي هئي، سا ڳڙڪائي ويئي. 17 ۽ ازدها کي انهيءَ زال تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ سندس باقي اولاد، جو خدا جي حڪمن تي ٿو هلي، ۽ يسوع جي شاهدي ٿو ڀري، تنهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society