Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 87 - Sindhi Bible

1 هن جو بنياد پاڪ جبلن ۾ آهي.

2 يعقوب جي سڀني رهڻ جي جاين کان صيون جا دروازا خداوند کي وڌيڪ پيارا آهن.

3 اي خدا جا لشڪر، تو بابت جلال واريون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن.

4 آءٌ رهب ۽ بابل جو ذڪر ڪندس تہ اهي منهنجي واقفڪارن مان آهن: فلستين ۽ سور ۽ حبش کي ڏسو؛ هي اتي پيدا ٿيو هو.

5 ۽ صيون بابت چيو ويندو تہ هي ۽ هو ماڻهو اتي ڄائو هو؛ ۽ خدا تعاليٰ پاڻ انهي کي قائم ڪندو.

6 جڏهن خداوند قومن جو شمار ڪندو تڏهن لکندو تہ هي ماڻهو اتي ڄائو هو.

7 ڳائيندڙ ۽ ناچ ڪندڙ چوندا تہ منهنجا سڀ چشما تو منجهہ آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ