زبور 82 - Sindhi Bible1 خدا جي جماعت ۾ خدا موجود آهي، هو معبودن جو انصاف ٿو ڪري. 2 اوهين ڪيستائين بي انصافي ڪندا، ۽ بڇڙن جي پاسخاطري ڪندا؟ 3 غريبن ۽ يتيمن جو انصاف ڪريو: ڏکويلن ۽ لاچارن کي سندن حق ڏياريو. 4 مسڪينن ۽ محتاجن کي ڇڏايو، بلڪ بڇڙن جي هٿان آزاد ڪرايو. 5 هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن. 6 مون چيو تہ اوهين خدا آهيو، اوهين سڀيئي خدا تعاليٰ جا فرزند آهيو. 7 تڏهن بہ اوهين ماڻهن وانگي مرندا، ۽ سردارن مان هڪڙي وانگي ڪري پوندا. 8 اي خدا تون اُٿي زمين جي عدالت ڪر: ڇو جو سڀ قومون تنهنجي ميراث ٿينديون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society