زبور 80 - Sindhi Bible1 اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ. 2 افرائيم ۽ بنيمين ۽ منسيءَ جي اڳيان پنهنجي قدرت ڏيکار، ۽ اچي اسان کي بچاءِ. 3 اي خدا اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين. 4 اي خداوند لشڪرن جا خدا، ڪيستائين پنهنجي اُمت جي دعا تي ناراض رهندين؟ 5 تو انهن کي ڳوڙهن جي ماني کارائي آهي، ۽ بيشمار لڙڪن جو پاڻي ڏنو آهي. 6 تو اسان کي پاڙي وارن ۾ جهيڙي جو سبب ڪيو آهي: اسان جا دشمن پاڻ ۾ اسان تي چرچا ٿا ڪن. 7 اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين. 8 تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو. 9 تو انهيءَ جي واسطي جاءِ تيار ڪئي، ۽ انهيءَ جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي ۽ ملڪ کي ڀري ڇڏيائين. 10 جبل انهيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويا، ۽ انهيءَ جا ڏار خدا جي ديوارن جهڙا هئا. 11 انهيءَ پنهنجون ٽاريون سمنڊ تائين، ۽ پنهنجون شاخون درياهہ تائين پکيڙيون. 12 هاڻي تو انهيءَ جي واڙ ڇو ڀڃي ڇڏي آهي، جو جيڪي اتان لنگهن ٿا سي سڀ کيس پيا ڇنن؟ 13 جهنگلي سوئر اچيو هن کي خراب ڪن، ۽ جهنگ جا جانور کيس کايو وڃن. 14 اي لشڪرن جا خدا، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ موٽي اچ آسمان مان نهاري ڏس ۽ هن ڊاک تي نظر ڪر. 15 هي ٻوٽو جو تنهنجي ساڄي هٿ لڳايو آهي، ۽ هيءَ شاخ جا تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪئي آهي. 16 اها باهہ ۾ سڙي ويئي آهي، ۽ وڍجي ويئي آهي: اُهي تنهنجي منهن جي ڇينڀ ڪري تباهہ ٿا ٿين. 17 جو ماڻهو تنهنجي ساڄي هٿ آهي، يعني ابن آدم جنهن کي تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪيو آهي، تنهن تي هٿ رک. 18 پوءِ اسين تو کان ڪين ڦرنداسين: تون اسان کي جيئار ۽ اسين تنهنجو نالو وٺندا رهنداسين. 19 اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society