زبور 8 - Sindhi Bible1 اي خداوند، اسان جا رب، تنهنجو نالو ساري زمين تي ڪهڙو نہ سربلند آهي! جنهن پنهنجو جلال آسمان ۾ قائم ڪيو آهي. 2 تو پنهنجي دشمنن جي ڪري، ٻارڙن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجو زور قائم ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ تون دشمن ۽ وير وٺڻ واري کي ماٺ ڪرائين. 3 جڏهن آءٌ آسمانن تي، جي تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن، ۽ چنڊ ۽ تارا، جي تو مقرر ڪيا آهن، تن تي غور ٿو ڪريان؛ 4 تہ پوءِ انسان ڇا آهي. جو تون هن جي يادگيري ڪرين؟ ۽ آدمزاد ڪير آهي، جو تون سندس سار لهين؟ 5 ڇالاءِ جو تو هن کي خدا کان ٿورو ئي گهٽ بنايو آهي، ۽ کيس جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو اٿيئي. 6 تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي حڪومت بخشي آهي ۽ سڀ شيون سندس پيرن هيٺ ڪيون اٿيئي. 7 سڀ رڍون ۽ ڏاند، بلڪ جهنگ جا سڀ جانور؛ 8 هوا جا پکي، ۽ سمنڊ جون مڇيون، ۽ جيڪي سمنڊ ۾ چُري ڦري ٿو سو سڀ. 9 اي خداوند، اسانجا رب، تنهنجو نالو ساري زمين تي ڪهڙو نہ سربلند آهي! |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society