Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 75 - Sindhi Bible

1 اي خدا اسين تنهنجي شڪر گذاري ٿا ڪريون؛ تنهنجا ٿورا ٿا مڃيون، ڇو جو تنهنجو نالو ويجهو آهي: ماڻهو تنهنجي عجيب ڪمن جو بيان ٿا ڪن.

2 جڏهن ٺهرايل وقت ايندو، تڏهن آءٌ سچائيءَ سان عدالت ڪندس.

3 زمين ۽ انهيءَ جا سڀ رهاڪو ڳري ويا آهن: مون انهيءَ جي ٿنڀن کي قائم ڪيو اهي.

4 مون هٺيلن کي چيو تہ هٺ نہ ڪريو: ۽ بڇڙن کي چيم تہ سڱ مٿي نہ کڻو:

5 پنهنجا سڱ مٿي نہ کڻو؛ ۽ مغروريءَ سان نہ ڳالهايو.

6 ڇو جو سرفرازي نہ اُڀرندي کان ٿي اچي نہ اُلهندي کان، نڪي ڏکڻ کان ٿي اچي.

7 پر خدا ئي منصف آهي: هو هڪڙي کي ڪيرائي ٿو، ٻئي کي چاڙهي ٿو.

8 ڇالاءِ جو خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو پيالو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو شراب آهي، اُهو گڏيل شراب آهي: هو اُنهيءَ مان اوتي ٿو ڪڍي؛ ۽ زمين جا سڀيئي بڇڙا ماڻهو انهي جي تري جو نچوڙ پيئندا.

9 پر آءٌ تہ هميشہ بيان ڪندو رهندس، ۽ يعقوب جي خدا جي تعريف ڳائيندس.

10 آءٌ بڇڙن جا سڀيئي سڱ بہ وڍي ڇڏيندس؛ پر راستبازن جا سڱ بلند ڪيا ويندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ