Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 63 - Sindhi Bible

1 اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.

2 اهڙي طرح مون پاڪ مڪان ۾ تو لاءِ نهاريو، تہ تنهنجي قدرت ۽ جلال ڏسان.

3 ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ حياتيءَ کان بہ چڱي آهي؛ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.

4 انهي ڪري جيسين آءٌ جيئندس، تيسين توکي مبارڪ چوندس: ۽ تنهنجو نالو وٺي پنهنجا هٿ مٿي کڻندس.

5 منهنجي جان ڄڻ تہ گودي ۽ چرٻي کائي ڍءُ ڪندي؛ ۽ منهنجو وات مشڪندڙ چپن سان تنهنجي تعريف ڪندو؛

6 جڏهن آءٌ پنهنجي هنڌ تي توکي ياد ڪندس، ۽ رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تنهنجو ڌيان ڪندس.

7 ڇالاءِ جو تون منهنجو مددگار رهيو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ خوشيون ڪندس.

8 منهنجي جان تنهنجي ئي ڌيان ۾ لڳل آهي: تنهنجو ساڄو هٿ مون کي سنڀالي ٿو.

9 پر جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا گهرن، سي قبر ۾ وڃي پوندا.

10 اهي ترار جي حوالي ٿيندا: ۽ لومڙن جو کاڄ ٿيندا.

11 پر بادشاهہ خداوند ۾ خوش ٿيندو: جيڪو ڪو هن جو قسم ٿو کڻي سو فخر ڪندو؛ ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ٿيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ