زبور 62 - Sindhi Bible1 منهنجي جان کي رڳو خدا جي آس آهي: انهي کان ئي منهنجي نجات آهي. 2 رڳو اهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو. 3 اوهين سڀيئي ڪيستائين اهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ مٿس ڪاهہ ڪندا، جو جهڪيل ڀت ۽ ڪريل واڙ وانگي آهي؟ 4 اهي رڳو هن کي سندس مرتبي کان ڪيرائڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن؛ اهي ڪوڙ کان خوش ٿا ٿين: اهي پنهنجي وات سان برڪت ٿا ڏين پر اندر ۾ لعنت ٿا ڪن. 5 اي منهنجي جان رڳو خدا جي انتظار ۾ رهہ؛ ڇو جو انهي کان مون کي اميد آهي. 6 رڳو اُهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو. 7 خدا کان منهنجي نجات ۽ منهنجي شوڪت آهي: خدا ئي منهنجي طاقت جو قلعو ۽ منهنجي نجات آهي. 8 اي قومون هر وقت انهي تي ڀروسو رکو؛ پنهنجي دل انهي جي اڳيان کوليو: خدا اسان جي پناهہ آهي. 9 بيشڪ ڪميڻا ماڻهو بيهودا آهن، ۽ معتبر ماڻهو ڪوڙا آهن. جيڪڏهن انهن کي ساهميءَ ۾ توربو تہ اهي هوا کان بہ هلڪا آهن. 10 ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ ڦرمار ڪري مغرور نہ ٿيو: جيڪڏهن ملڪيت وڌي تہ انهي تي دل نہ لڳايو. 11 خدا هڪ وار فرمايو آهي، ۽ مون ٻہ ڀيرا هي ٻڌو آهي، تہ قدرت خدا جي اختيار آهي. 12 اي خداوند رحم بہ تنهنجي اختيار آهي: ڇالاءِ جو تون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب بدلو ٿو ڏين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society