Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 61 - Sindhi Bible

1 اي خدا منهنجي دانهن ٻڌ، ۽ منهنجي دعا تي ڪن ڏي.

2 جڏهن آءٌ دلگير ٿيندس، تڏهن زمين جي ڇيڙي کان توکي پڪاريندس: مون کي انهيءَ ٽڪر تي وٺي هل جو مون کان مٿانهون آهي.

3 ڇالاءِ جو تون منهنجي پناهہ آهين، ۽ دشمن کان بچڻ جي لاءِ مضبوط ٺلهہ آهين.

4 آءٌ هميشہ تنهنجي خيمي ۾ رهندس: آءٌ تنهنجن پرن جي هيٺ پناهہ وٺندس.

5 ڇو تہ اي خدا تو منهنجون مڃتائون ٻڌيون آهن: ۽ جيڪي تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا تن جهڙي ميراث مون کي ڏني اٿيئي.

6 تون بادشاهہ جي حياتي وڌائيندين: هن جي عمر گهڻين پيڙهين تائين رهندي.

7 هو هميشہ تائين خدا جي حضور ۾ قائم رهندو: تون پنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائيءَ کي هن جي حفاظت لاءِ تيار ڪر.

8 سو آءٌ هميشہ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس، تہ آءٌ هر روز پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ