زبور 6 - Sindhi Bible1 اي خدا، مونکي پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ نہ ڇينڀ، نڪي پنهنجي سخت ناراضپي سان مونکي سزا ڏي. 2 اي خداوند، مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ هيڻو ٿي ويو آهيان: اي خداوند، مونکي چڱو ڀلو ڪر؛ ڇو جو منهنجن هڏن ۾ بي آرامي آهي. 3 منهنجو روح بہ گهڻو بيچين آهي؛ پر تون اي خداوند، ڪيستائين؟ 4 اي خداوند موٽ، اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ؛ پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مونکي بچاءِ. 5 ڇو جو موت کان پوءِ تنهنجي يادگيري ڪانهي؛ قبر ۾ ڪير تنهنجا ٿورا مڃيندو؟ 6 آءٌ آهون ڀري ڀري ٿڪجي پيو آهيان؛ سڄي رات ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو هنڌ اهڙو ٿو ڀڄايان، جو ڄڻ تہ پاڻيءَ ۾ پيو تري. 7 روئندي، روئندي، منهنجن اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي؛ اهي منهنجي سڀني دشمنن جي ڪري هيڻيون ٿي پيون آهن. 8 اي سڀ بدڪارو مون کان پري ٿيو؛ ڇو جو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي. 9 خداوند منهنجو عرض ٻڌو آهي؛ خداوند منهنجي دعا قبول ڪندو. 10 منهنجا سڀ دشمن ڦڪا ۽ پشيمان ٿيندا؛ اهي موٽي ويندا ۽ اوچتو شرمندا ٿيندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society