زبور 59 - Sindhi Bible1 اي منهنجا خدا مون کي منهنجن دشمنن کان ڇڏاءِ: جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن تن تي مون کي سرفراز ڪر. 2 مون کي خطاڪارن کان ڇڏاءِ، ۽ خونين کان مونکي بچاءِ. 3 ڇالاءِ جو ڏس اهي منهنجي جان جي لاءِ ڇپ ماري ويٺا آهن؛ اي خداوند منهنجي ڪنهن بہ ڏوهہ يا گناهہ کانسواءِ، زبردست ماڻهو منهنجي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن. 4 بنا ڪنهن ڏوهہ جي اهي مون تي ڊوڙي سنبريو اچن: تون منهنجي مدد جي لاءِ جاڳ ۽ نظر ڪر. 5 اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسرائيل جا خدا، تون سڀني قومن جو حساب وٺڻ لاءِ اُٿ: ۽ ڪنهن بہ بڇڙي گنهگار تي رحم نہ ڪر. 6 اهي سانجهيءَ جو موٽن ٿا، ۽ ڪتي وانگي پيا ڀونڪن، ۽ شهر ۾ پيا گهمن. 7 ڏس اهي وات مان اوڳرايون پيا ڪڍن؛ سندن چپن ۾ تراريون آهن: ڇو جو هو چون ٿا تہ ڪير ٿو ٻڌي؟ 8 پر اي خداوند تون مٿن کلندين؛ تون سڀني غير قومن تي ٺٺوليون ڪندين. 9 اي منهنجي طاقت آءٌ تنهنجي انتظار ۾ رهندس؛ ڇو جو خدا منهنجو اوچو ٺلهہ آهي. 10 منهنجو خدا پنهنجي رحم سان منهنجي سنڀال ڪندو: خدا منهنجي دشمنن تي منهنجي مراد پوري ڪندو. 11 انهن کي قتل نہ ڪر، متان منهنجا ماڻهو وساري ڇڏين: اي خداوند اسان جي سپر پنهنجي قدرت سان انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڪيرائي ڇڏ. 12 ڀلي تہ اهي پنهنجي وات جي گناهہ، ۽ پنهنجي چپن جي ڳالهين سبب، ۽ پاراتن ڏيڻ، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري، پنهنجي مغروريءَ ۾ جهليا وڃن. 13 ڪاوڙ ۾ انهن کي فنا ڪر، فنا ڪرين تہ اهي نابود ٿي وڃن: ۽ کين معلوم ٿئي تہ خدا يعقوب تي، بلڪ زمين جي ڇيڙي تائين حڪم ٿو هلائي. 14 ڀلي تہ اهي سانجهيءَ جو موٽن ۽ ڀلي تہ ڪتي وانگر ڀونڪن ۽ شهر ۾ گهمن. 15 اهي کاڌي جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن رلندا، ۽ جي ڍءُ نہ ٿيندن تہ سڄي رات پيا هوندا. 16 پر آءٌ تنهنجي طاقت جو گيت ڳائيندس؛ هائو صبح جو تنهنجي رحم جو گيت وڏي آواز سان ڳائيندس؛ ڇو تہ منهنجي مصيبت جي ڏينهن تون منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ پناهہ هئين. 17 اي منهنجي طاقت آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس: ڇو تہ خدا، منهنجو رحيم خدا، منهنجو اوچو ٺلهہ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society