زبور 58 - Sindhi Bible1 اي بزرگو، اوهين برابر سچ ڳالهايو ٿا ڇا؟ اي بني آدم، اوهين سچو انصاف ڪريو ٿا ڇا؟ 2 اوهين دل ۾ بڇڙائي ٿا رٿيو؛ ۽ زمين تي پنهنجن هٿن جو ظلم توري ويٺا ڏيو. 3 بدڪار پنهنجي ماءُ جي پيٽان ئي گمراهہ ٿين ٿا: اُهي ڄمندي ئي ڪوڙ ڳالهائيندا وتن. 4 انهن جو زهر سپ جي زهر جهڙو آهي: اهي ٻوڙي کپر وانگر آهن جن پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن. 5 مانڊي ڪيڏي بہ کيڏ ڪري منڊ پڙهن، پر هو سندن آواز نہ ٻڌندا. 6 اي خدا انهن جا ڏند سندن وات ۾ ڀڃي ڇڏ: اي خداوند جوان شينهن جون ڏاٺون ڀڃي ڇڏ. 7 ڀلي تہ اهي وهندڙ پاڻيءَ وانگر هليو وڃن: جڏهن هو تير هڻڻ لاءِ ڪمان ڪشي، تڏهن اُهي مردارن وانگر ٿي پون. 8 جيئن گهونگهو ڳري فنا ٿيو وڃي؛ ۽ جيئن ڪنهن زال جو ڪچو ٻار ٿو ڪري ۽ روشني نٿو ڏسي، تيئن اهي سڀ فنا ٿي وڃن. 9 اوهان جي ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو سيڪ اچي، تنهن کان اڳي هو انهن ساون ۽ سڪن کي واچوڙي سان اُڏائي کڻي ويندو. 10 راستباز جڏهن هي بدلو ڏسندو، تڏهن خوش ٿيندو: هو بدڪار جي رت سان پنهنجا پير ڌوئيندو. 11 تڏهن ماڻهو چوندا تہ سچ پچ راستباز جي واسطي اجر آهي: بيشڪ اهو خدا آهي جو زمين تي انصاف ٿو ڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society