زبور 57 - Sindhi Bible1 مون تي رحم ڪر، اي خدا، مون تي رحم ڪر؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان تنهنجي پناهہ ۾ آهي: هائو جيستائين هي آفتون ٽري نہ وڃن تيستائين آءٌ تنهنجن کنڀن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺندس. 2 آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريندس؛ انهيءَ خدا کي جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿو ڪري. 3 جيڪو مون کي ڳهي وڃڻ ٿو گهري تنهنجي طعنن کان بچائڻ لاءِ، هو آسمان مان موڪليندو؛ هائو خدا پنهنجو رحم ۽ سچائي موڪليندو. 4 منهنجي جان شينهن جي وچ ۾ آهي؛ آءٌ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ليٽيل آهيان جن ۾ باهہ پيئي ٻري، جن جا ڏند ڀالا ۽ تير آهن، ۽ جن جي زبان تکي ترار آهي. 5 اي خدا تون آسمان تي سرفراز ٿيءُ؛ ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي. 6 انهن منهنجي پيرن لاءِ ڄار وڌو آهي؛ منهنجي جان جهڪي ويئي آهي: انهن منهنجي اڳيان کڏ کوٽي آهي؛ جنهن ۾ پاڻ ڪِريا آهن. 7 منهنجي دل قائم آهي، اي خدا، منهنجي دل قائم آهي: آءٌ گيت ڳائي تعريف ڪندس. 8 اي منهنجي جان جاڳ؛ منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو: آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس. 9 اي خداوند آءٌ ماڻهن ۾ تنهنجا ٿورا ڳائيندس: آءٌ قومن ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس. 10 ڇالاءِ جو تنهنجو رحم آسمانن تائين وڏو آهي، ۽ تنهنجي سچائي افلاڪ ۾ پکيڙيل آهي. 11 اي خدا تون آسمان تي سرفراز ٿيءُ؛ ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society