Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 54 - Sindhi Bible

1 اي خدا پنهنجي نالي جي وسيلي مون کي بچاءِ، ۽ پنهنجيءَ قدرت سان منهنجو انصاف ڪر.

2 اي خدا منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجي وات جي لفظن ڏانهن ڪن ڏي.

3 ڇالاءِ جو پرديسي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ غضبناڪ ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن: اُنهن خدا کي پنهنجي سامهون نہ رکيو آهي.

4 ڏسو خدا منهنجو مددگار آهي: خداوند انهن مان آهي جي منهنجي ساهہ جا سنڀاليندڙ آهن.

5 هو منهنجن دشمنن کي سندن بڇڙائي جو بدلو ڏيندو: تون پنهنجي سچائيءَ موجب اُنهن کي برباد ڪر.

6 اي خداوند آءٌ تنهنجي حضور ۾ خوشيءَ جي قرباني چاڙهيندس: آءٌ تنهنجي نالي جي شڪر گذاري ڪندس، ڇو جو اهو چڱو آهي.

7 ڇالاءِ جو هن مون کي سڀني ڏکن کان ڇڏايو آهي؛ ۽ منهنجين اکين منهنجيءَ خواهش موجب پنهنجي دشمنن جو حال ڏٺو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ