زبور 52 - Sindhi Bible1 اي زوراور ماڻهو، تون بڇڙائيءَ تي پاڻ کي ڇو ٿو پڏائين؟ خدا جي رحمت دائمي آهي. 2 تنهنجي زبان بڇڙائي ٿي رٿي؛ ۽ تکي پاڻيءَ وانگر ٺڳيءَ سان پئي هلي. 3 تون برائيءَ کي ڀلائيءَ کان، ۽ ڪوڙ کي سچ کان وڌيڪ پسند ٿو ڪرين. 4 اي دغاباز زبان، تون موتمار لفظن کي پسند ٿي ڪرين. 5 خدا بہ توکي هميشہ جي لاءِ برباد ڪندو، هو توکي جهلي تنهنجي تنبوءَ مان ڇڪي ڪڍندو، ۽ دنيا مان تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو. 6 راستباز اهو حال ڏسي ڊڄي ويندا، ۽ هن تي کلي چوندا، 7 تہ ڏس هي اهو ماڻهو آهي جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ نہ سمجهيو؛ پر پنهنجيءَ گهڻيءَ دولت تي پنهنجو ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجيءَ بڇڙائيءَ ۾ پاڻ کي پڪو ڪيائين. 8 پر آءٌ تہ خدا جي گهر ۾ زيتون جي هڪڙي سائي وڻ وانگي آهيان: منهنجو ڀروسو هميشہ تائين خدا جي رحم تي آهي. 9 آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرگذار رهندس، ڇو جو تو ائين ڪيو آهي: آءٌ تنهنجي پاڪ بندن جي اڳيان تنهنجي نالي جو منتظر رهندس ڇالاءِ جو اُهو چڱو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society