Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 51 - Sindhi Bible

1 اي خدا پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون تي رحم ڪر: پنهنجي گهڻي رحم موجب منهنجا گناهہ مٽائي ڇڏ.

2 منهنجيءَ بڇڙائيءَ کان مون کي چڱيءَ طرح ڌوءِ، ۽ منهنجي گناهہ کان مونکي صاف ڪر.

3 ڇو جو آءٌ پنهنجا ڏوهہ باسيان ٿو: ۽ منهنجا گناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهن.

4 مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ خراب آهي سو ڪيو اٿم: تہ جڏهن تون ڳالهائين تڏهن سچار ثابت ٿين، ۽ جڏهن انصاف ڪرين تڏهن بي عيب هجين.

5 ڏس بڇڙائيءَ ۾ مون کي صورت ملي، ۽ گناهہ ۾ آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ ٿيس.

6 ڏس تون اندر جي سچائي ٿو چاهين: اندر ۾ ئي مونکي دانائي سيکار.

7 زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.

8 مون کي خوشيءَ ۾ سرهائيءَ جي خبر ٻڌاءِ؛ تہ اهي هڏيون جي تو ڀڳيون آهن سي خوش ٿين.

9 منهنجن گناهن کان پنهنجو منهن ڦيراءِ، ۽ منهنجون سڀ بڇڙايون مٽائي ڇڏ.

10 اي خدا منهنجي اندر ۾ پاڪ دل پيدا ڪر؛ ۽ مون ۾ نئين سر مستقيم روح پيدا ڪر.

11 مون کي پنهنجي حضور مان لوڌي نہ ڪڍ؛ ۽ پنهنجو پاڪ روح مون کان پري نہ ڪر.

12 پنهنجيءَ نجات جي خوشي مون کي وري عطا ڪر: ۽ آزاد روح سان مون کي سنڀال.

13 پوءِ آءٌ ڏوهارين کي تنهنجون واٽون سيکاريندس؛ ۽ گنهگار تو ڏانهن ڦرندا.

14 اي خدا، منهنجيءَ نجات جا خدا مون کي خون جي گناهہ کان ڇڏاءِ، تہ منهنجي زبان تنهنجيءَ سچائيءَ جو گيت ڳائيندي.

15 اي خداوند تون منهنجن چپن کي کول؛ تہ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.

16 ڇو جو تون قربانيءَ مان خوش نٿو ٿين، نہ تہ آءٌ اها پيش ڪريان: سوختني قربانيءَ ۾ بہ توکي خوشي ڪانهي.

17 شڪستہ روح خدا جي قرباني آهي: اي خدا تون شڪستہ دل کي حقير ڪين سمجهندين.

18 پنهنجي مهربانيءَ ڪري صيون سان ڀلائي ڪر؛ ۽ يروشلم جون ڀتيون اڏ.

19 پوءِ تون سچائيءَ جي قربانين، ۽ سوختني قرباني، ۽ پوري سوختني قربانيءَ ڪري خوش ٿيندين: ۽ هو تنهنجي قربانگاهہ تي ڍڳا چاڙهيندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ