زبور 46 - Sindhi Bible1 خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي. 2 تنهن ڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي. جيتوڻيڪ زمين اُٿلي پوي، ۽ جبل سمنڊ جي تهہ ۾ وڃي پون. 3 جيتوڻيڪ ان جو پاڻي گجگوڙ ڪري ۽ لهرون هڻي ۽ ان جي چڙهڻ ڪري جبل لڏي وڃن. 4 هڪڙي ندي آهي، جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي خوش ٿيون ڪن يعني خدا تعاليٰ جي خيمن جي پاڪ هنڌ کي. 5 خدا انهي جي وچ ۾ آهي؛ ان کي لوڏو ئي ڪين ايندو؛ صبح جو سوير خدا انهي جي مدد ڪندو. 6 قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي. 7 لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي. 8 اچو خداوند جا ڪم ڏسو، تہ زمين تي ڪهڙي نہ تباهي ڪئي اٿس. 9 هو زمين جي ڇيڙي تائين جنگيون بند ٿو ڪرائي: هو ڪمان کي ڀڃي ٿو ۽ ڀالي کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري: هو جنگي گاڏين کي باهہ ۾ ساڙيو ڇڏي. 10 ماٺ ڪريو ۽ ڄاڻو تہ آءٌ خدا آهيان؛ آءٌ قومن ۾ اقبال مند ٿيندس، آءٌ ساري زمين تي سربلند ٿيندس. 11 لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society