Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 43 - Sindhi Bible

1 اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.

2 ڇو جو تون ئي منهنجي طاقت جو خدا آهين؛ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم ڪندو وتان؟

3 پنهنجو سوجهرو ۽ سچائي موڪل، تہ اهي منهنجي رهبري ڪن: ۽ مون کي تنهنجي پاڪ جبل ۽ تنهنجي تنبن تائين پهچائين.

4 تڏهن آءٌ خدا جي قربان گاهہ وٽ ويندس، يعني انهيءَ خدا وٽ جو منهنجي ڪمال خوشي آهي: اي خدا، منهنجا خدا، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڪندس.

5 اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون اندر ۾ ڇو اهڙي بي آرام آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق ۽ منهنجو خدا آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ