Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 39 - Sindhi Bible

1 مون چيو تہ آءٌ پنهنجين واٽن جي خبرداري ڪندس، تہ منهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ نہ ٿئي: جيسين بدڪار منهنجي اڳيان هوندو، تيسين آءٌ پنهنجو وات ڄڻ لغام سان روڪيندس.

2 آءٌ گونگو ٿي ماٺ ڪري ويٺس، چڱي ڳالهہ چوڻ کان بہ بس ڪيم؛ تہ بہ منهنجو غم وري تازو ٿيو.

3 منهنجي دل اندر ئي اندر تپي ويئي؛ ۽ خيال ڪندي ڪندي منهنجي اندر ۾ اچي باهہ ٻري؛ تڏهن مون پنهنجيءَ زبان سان چيو تہ:

4 اي خداوند مون کي ٻڌاءِ تہ منهنجي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي، ۽ باقي منهنجا ڏينهن ڪيترا آهن؛ مون کي سمجهاءِ تہ آءٌ ڪهڙو نہ بي بقا آهيان.

5 ڏس، تو منهنجي عمر گرانٺ جيڏي ڪئي آهي؛ ۽ منهنجي حياتي تنهنجي اڳيان ڪين جهڙي آهي: سچ سڀڪو ماڻهو ڪهڙي بہ چڱيءَ حالت ۾ هجي تہ بہ ٻاڦ وانگر آهي.

6 بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.

7 هاڻي اي خداوند آءٌ ڪنهن جي واٽ نهاريان ۽ انتظار ڪريان؟ مون کي تنهنجي ئي اميد آهي.

8 مون کي منهنجن سڀني گناهن کان ڇڏاءِ، ائين نہ ڪر تہ بي عقل مونکي طعنا هڻن.

9 آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي.

10 پنهنجي آفت مون کان پري ڪر؛ آءٌ تنهنجي هٿ جي ڌڪ کان نابود ٿو ٿيان.

11 جڏهن تون ماڻهوءَ کي بڇڙائيءَ جي ڪري ڇينڀي سيکت ٿو ڏين، تڏهن تون انهي جي سونهن پتنگ وانگر نابود ڪريو ڇڏين: سچ پچ سڀڪو ماڻهو فاني آهي.

12 اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجي دانهن تي ڪن ڏي، منهنجي روئڻ تي ماٺ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي حضور ۾ پرديسي ۽ پنهنجن سڀني ابن ڏاڏن وانگر مسافر آهيان.

13 پنهنجو هٿ مون کان جهل تہ آءٌ ساهہ پٽيان، انهي کان اڳي تہ آءٌ هتان هليو وڃان ۽ فنا ٿي وڃان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ