زبور 36 - Sindhi Bible1 بڇڙي ماڻهوءَ جي بڇڙائيءَ ڪري منهنجي دل چوي ٿي، تہ سندس نظر ۾ خدا جو ڊپ ڪونهي. 2 ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي. 3 انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي. 4 هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي بڇڙائيءَ جون رِٿون ٿو رٿي: ۽ خراب رستي تي وڃي ٿو بيهي: ۽ برائيءَ کان نفرت نٿو ڪري. 5 اي خداوند تنهنجي ٻاجهہ آسمانن ۾ آهي: ۽ تنهنجي سچائي جهان ۾ پکڙيل آهي. 6 تنهنجي راستبازي خدا جي جبلن جهڙي آهي؛ ۽ تنهنجا فيصلا تمام اونها آهن: اي خداوند، تون ماڻهن ۽ جانورن جو سنڀاليندڙ آهين. 7 اي خدا تنهنجي ٻاجهہ ڪهڙي نہ قيمتي آهي! ۽ بني آدم تنهنجن پرن جي هيٺ اَجهو ٿا وٺن. 8 اهي تنهنجي گهر جون نعمتون کائي ڍءُ ڪندا: ۽ تون اُنهن کي پنهنجين خوشين جي نديءَ مان پياريندين. 9 ڇو جو تو وٽ زندگيءَ جو چشمو آهي: ۽ اسين تنهنجي سوجهري ۾ سوجهرو ڏسنداسين. 10 جيڪي توکي سڃاڻن ٿا تن تي پنهنجي ٻاجهہ ڪندو رهہ: ۽ جيڪي دل جا سچار آهن تن کي پنهنجي راستبازي ڏيندو رهہ. 11 ائين نہ ٿئي جو مغرور ماڻهو مون تي لت کڻي، ۽ بڇڙن جو هٿ مون کي لوڌي ڪڍي. 12 بدڪار اُتي ئي ڪِريا پيا آهن: اهي ڌڪجي ويا آهن ۽ وري اُٿي ڪين سگهندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society