زبور 32 - Sindhi Bible1 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن جي خطا معاف ٿي آهي، ۽ جنهن جو گناهہ ڍڪيو ويو آهي. 2 مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جي بڇڙائين جو خداوند حساب نٿو ڪري، ۽ جنهن جي دل ۾ ٺڳي ڪانهي. 3 جڏهن مون ماٺ ڪئي، تڏهن سڄو ڏينهن دانهون ڪندي منهنجون هڏيون ڳري ويون. 4 ڇو جو رات ڏينهن تنهنجو هٿ مون تي ڳورو هو: ۽ منهنجي تراوٽ مٽجي اونهاري جي سوڪ ٿي پيئي. 5 مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي. 6 انهي ڪري هرڪو ديندار تنهنجي ملڻ وقت توکان دعا گهرندو: ۽ سچ پچ جڏهن وڏا پاڻي چڙهندا تڏهن انهيءَ تائين ڪين پهچندا. 7 تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ آهين: تون مون کي تڪليفن کان بچائيندين؛ تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائيندين. 8 آءٌ توکي تعليم ڏيندس، ۽ جنهن رستي تي توکي هلڻ گهرجي سو ڏيکاريندس: آءٌ توکي صلاح ڏيندس ۽ منهنجي نظر توتي رهندي. 9 اوهين گهوڙي يا خچر وانگي بي سمجهہ نہ ٿيو: جنهن کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجهبي آهي، نہ تہ اُهي تو وٽ ڪين ايندا. 10 بڇڙي ماڻهوءَ تي گهڻيئي مصيبتون اينديون: پر جنهن جو ڀروسو خداوند تي آهي تنهن کي رحمت چوڌاري گهيري ويندي. 11 اوهين جي راستباز آهيو سي خداوند ۾ خوشي ڪريو، ۽ سرها ٿيو، ۽ اوهين جي دل جا سچا آهيو خوشيءَ سان پڪاريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society