زبور 30 - Sindhi Bible1 اي خداوند، آءٌ تنهنجي تمجيد ڪندس؛ ڇالاءِ جو تو مونکي سرفراز ڪيو آهي، ۽ منهنجن دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏنو اٿيئي. 2 اي خداوند منهنجا خدا، مون توکي پڪاريو، ۽ تو مون کي شفا ڏني آهي. 3 اي خداوند، تو منهنجيءَ جان کي قبر مان ڪڍي آندو آهي: تو مونکي جيئرو رکيو آهي، تہ آءٌ قبر ۾ نہ پوان. 4 اي خداوند جا پاڪ بندا، اوهين هن جي تعريف ڳايو، ۽ سندس پاڪ نالي جي شڪر گذاري ڪريو. 5 ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي. 6 مون پنهنجيءَ خوشحاليءَ جي وقت چيو، تہ مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو. 7 اي خداوند، تو پنهنجي مهربانيءَ سان منهنجي جبل کي قائم رکيو هو: پر جڏهن تو پنهنجو منهن لڪايو، تڏهن آءٌ منجهي پيس. 8 اي خداوند، مون توکي پڪاريو؛ هائو، مون خداوند کي عرض ڪيو: 9 جي آءٌ قبر ۾ وڃي پوان تہ پوءِ منهنجي مرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ مٽي تنهنجي تعريف ڪندي ڇا؟ اها تنهنجي سچائي پڌري ڪندي ڇا؟ 10 اي خداوند، ٻڌ ۽ مون تي رحم ڪر: اي خداوند تون منهنجو مددگار ٿيءُ. 11 تو منهنجي ماتم کي مٽائي نچڻ ڪيو آهي؛ تو مون تان کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو ڪمربند ٻڌو آهي: 12 انهيءَ لاءِ تہ منهنجو روح تنهنجي تعريف ڳائڻ کان ماٺ نہ ڪري. اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرانو مڃيندو رهندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society