Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 27 - Sindhi Bible

1 خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجيءَ حياتيءَ جو زور آهي؛ آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟

2 جڏهن بدڪار ماڻهو، جي منهنجا دشمن ۽ ويري آهن، منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي ڪاهي آيا، تڏهن اهي ٿاٻا کائي ڪري پيا.

3 جيتوڻيڪ ڪو لشڪر منهنجي برخلاف تنبو کوڙيندو، تڏهن بہ منهنجي دل کي ڊپ ڪونہ ٿيندو: جيتوڻيڪ مون تي جنگ اچي ڪڙڪندي، تڏهن بہ منهنجو ڀروسو قائم رهندو.

4 مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.

5 ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن هو مون کي پنهنجي تنبوءَ ۾ پناهہ ڏيندو: ۽ مون کي پنهنجي خيمي جي پڙدي ۾ لڪائيندو؛ هو مون کي ٽڪر تي چاڙهي بيهاريندو.

6 منهنجي چوڌاري جيڪي منهنجا دشمن آهن، تن تي هاڻي منهنجو ڪنڌ مٿي ٿيندو؛ ۽ آءٌ هن جي خيمي ۾ خوشيءَ جون قربانيون چاڙهيندس؛ آءٌ ڳائيندس، هائو آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس.

7 اي خداوند، جڏهن آءٌ توکي پڪاريان تڏهن تون منهنجي ٻڌ: ۽ مون تي رحم ڪري مون کي جواب ڏي.

8 جڏهن تو فرمايو تہ منهنجي ديدار جا طالب ٿيو؛ تڏهن منهنجيءَ دل توکي چيو تہ اي خداوند، آءٌ تنهنجي ديدار جو طالب رهندس.

9 مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ۽ غصي ۾ پنهنجي ٻانهي کي لوڌي نہ ڪڍ: تون ئي منهنجو مددگار آهين؛ اي منهنجي نجات جا خدا، مون کي پري نہ ڪر، نڪي مونکي ڇڏي ڏي.

10 منهنجي ماءُ پيءُ مون کي ڇڏي ڏنو آهي، پر خداوند منهنجي سنڀال ڪندو.

11 اي خداوند، مونکي پنهنجو رستو ڏيکار: ۽ منهنجن دشمنن جي سببان مون کي سنئينءَ واٽ تي هلاءِ.

12 مون کي منهنجي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ: ڇو جو ڪوڙا شاهد، ۽ ظلم جا ڦوڪارا هڻندڙ منهنجي برخلاف اُٿيا آهن.

13 جيڪڏهن مون کي يقين نہ هجي ها تہ آءٌ جيئرن جي زمين تي خداوند جي ڀلائي ڏسندس، تہ هوند آءٌ بيهوش ٿيءُ وڃان ها:

14 خداوند جو انتظار ڪر: زوراور ٿي ۽ همت جهل؛ هائو خداوند جو انتظار ڪر.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ