Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 21 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، تنهنجي طاقت ۾ بادشاهہ خوش ٿيندو؛ ۽ تنهنجيءَ نجات ۾ هو ڪيترو نہ سرهو ٿيندو!

2 تو هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي، ۽ سندس زبان جو عرض رد نہ ڪيو اٿيئي.

3 تون هن کي چڱائيءَ جون برڪتون ڏيئي هن جي اڳيان اچي ٿو رسين: ۽ تون هن جي مٿي تي نج سون جو تاج ٿو رکين.

4 هن توکان حياتي گهري، ۽ تو کيس اها بخشي؛ بلڪ هميشہ لاءِ وڏي ڄمار ڏني.

5 تنهنجيءَ نجات ۾ هن جو وڏو جلال آهي: تون هن کي شان ۽ شوڪت عطا ٿو ڪرين.

6 ڇالاءِ جو تون هن کي هميشہ سراسر مبارڪ ٿو ڪرين: ۽ کيس پنهنجي حضور خوش ٿو رکين.

7 ڇو جو بادشاهہ جو ڀروسو خداوند تي آهي، ۽ خدا تعاليٰ جي ٻاجهہ ڪري هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.

8 تنهنجو هٿ تنهنجا سڀيئي دشمن ڳولي ڪڍندو: تنهنجو ساڄو هٿ انهن کي ڳولي لهندو جن کي تو کان نفرت آهي.

9 تون اُنهن کي پنهنجي غصي وقت ٻرندڙ تنور جهڙو ڪندين. خداوند پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ اُنهن کي ڳهي ويندو، ۽ باهہ اُنهن کي کائي ويندي.

10 تون اُنهن جي اولاد کي زمين تان، ۽ اُنهن جي نسل کي بني آدم منجهان نابود ڪري ڇڏيندين.

11 ڇالاءِ جو اُنهن تنهنجي برخلاف برائي جو ارادو ڪيو: ۽ تجويز رٿيائون جا اُهي پوري ڪري نہ سگهيا.

12 ڇو تہ جڏهن تون پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي اُنهنجي سامهون ٿيندين، تڏهن تون کين پٺ ڏياريندين.

13 اي خداوند، شل تون پنهنجي طاقت جي ڪري سرفراز ٿين: ۽ اسين گيت ڳائي تنهنجي قدرت جي تعريف ڪنداسين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ