زبور 17 - Sindhi Bible1 اي خداوند، حق جي ڳالهہ ٻڌ، منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي؛ منهنجي دعا، جا ڪوڙ واري وات مان نٿي نڪري، تنهن تي ڪن ڏي. 2 ڀلي تہ منهنجو فيصلو تنهنجي حضور مان ٿئي؛ تنهنجون اکيون انصاف تي نظر ڪن. 3 تو منهنجيءَ دل کي آزمايو آهي؛ ۽ رات جو مون تي نظر ڪئي اٿيئي؛ تو مون کي جاچيو آهي، پر مون ۾ ڪا خرابي ڪانہ ڏٺي اٿيئي؛ مون ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي واتان برائي نہ ٿئي. 4 انساني ڪمن بابت، تنهنجي وات جي ڪلام سان، مون پاڻ کي ظالم جي واٽن کان بچايو آهي. 5 منهنجا قدم تنهنجين واٽن تي قائم رهيا آهن، منهنجا پير ترڪيا نہ آهن. 6 اي خدا، مون توکي سڏيو آهي، ڇو جو تون منهنجي ٻڌندين: مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي، ۽ منهنجي ڳالهہ ٻُڌ. 7 تون جو پنهنجي ساڄي هٿ سان انهن کي سندن دشمنن کان بچائين ٿو جي توتي ڀروسو ٿا رکن؛ پنهنجي عجيب مهرباني ڏيکار. 8 اک جي پتلي وانگر مون کي سنڀال، ۽ مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ، 9 انهن شريرن کان، جي مون سان ظلم ٿا ڪن، ۽ منهنجن جاني دشمنن کان، جي مون کي چوڌاري ويڙهي ويا آهن. 10 انهن پنهنجي دل کي سخت ڪيو آهي: اهي پنهنجي واتان مغروري سان ٿا ڳالهائين. 11 انهن اسان کي قدم قدم تي اچي گهيريو آهي: ۽ اسان کي زمين تي ڪيرائڻ لاءِ پنهنجون اکيون لڳايون اٿن. 12 هو انهي شينهن وانگر آهي، جنهن کي شڪار جي لالچ هجي، ۽ جو جوان شينهن وانگر ڳجهي هنڌ ڇپ هڻي ويهي ٿو. 13 اي خداوند، اُٿ، هن جي سامهون ٿي، هن کي هيٺ ڪيراءِ: پنهنجيءَ ترار جي زور سان منهنجي جان کي شرير کان بچاءِ. 14 اي خداوند، پنهنجي هٿ سان مونکي انهن ماڻهن کان ڇڏاءِ، يعني هن دنيا جي ماڻهن کان، جن جو حصو دنيوي آهي. شل هنن جو پيٽ انهن شين سان ڀرجي جي تو سندن لاءِ تيار ڪيون آهن؛ ڀلي تہ سندن اولاد کي گهرج کان وڌيڪ ملي؛ ڀلي تہ هو پنهنجن ٻارن لاءِ بہ ڪجهہ ڇڏي وڃن. 15 باقي آءٌ، سو سچائيءَ سان تنهنجو منهن ڏسندس: جڏهن آءٌ جاڳندس تڏهن تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society