زبور 150 - Sindhi Bible1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، خدا جي پاڪ مڪان ۾ سندس تعريف ڪريو، هن جي قدرت جي آسمان ۾ سندس تعريف ڪريو. 2 هن جي قدرت وارن ڪمن ڪري سندس تعريف ڪريو: هن جي وڏيءَ عظمت موجب سندس تعريف ڪريو. 3 تريءَ جي آواز سان سندس تعريف ڪريو: تنبوري ۽ بربط سان سندس تعريف ڪريو. 4 دف ۽ ناچ سان سندس تعريف ڪريو: تار وارن سازن ۽ توتاريءَ سان سندس تعريف ڪريو. 5 جهانجهہ وڄائي سندس تعريف ڪريو: وڏي آواز جهانجهہ وڄائي سندس تعريف ڪريو. 6 ڀلي تہ سڀڪو ساهہ وارو خداوند جي تعريف ڪري. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society