زبور 15 - Sindhi Bible1 اي خداوند، ڪير تنهنجي خيمي ۾ ٽڪندو؟ ڪير تنهنجي پاڪ جبل تي رهندو؟ 2 اهو جو سچائيءَ سان ٿو هلي، ۽ راستيءَ جا ڪم ٿو ڪري، ۽ دل سان سچ ٿو ڳالهائي. 3 جو پنهنجيءَ زبان سان گلا نٿو ڪري، نڪي پنهنجي دوست سان برائي ٿو ڪري، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي بدنامي ٿو ڪري. 4 جنهن جي نظر ۾ ڪميڻو ماڻهو نفرتي آهي؛ پر جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ٿو ڪري، ۽ جڏهن قسم ٿو کڻي، تڏهن پنهنجي نقصان هوندي بہ ڦري نٿو وڃي. 5 جو پنهنجا پئسا وياج تي اُڌارا نٿو ڏئي، نڪي بي گناهہ جي برخلاف رشوت ٿو وٺي. جيڪو اهو ڪم ٿو ڪري تنهن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society