Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 148 - Sindhi Bible

1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، آسمانن مان خداوند جي تعريف ڪريو: مٿانهين جاين تان سندس تعريف ڪريو.

2 هن جا سڀ فرشتا، اوهين سندس تعريف ڪريو: هن جا سڀ لشڪر، اوهين سندس تعريف ڪريو.

3 سج ۽ چنڊ، اوهين سندس تعريف ڪريو: سڀيئي چمڪندڙ تارا، اوهين سندس تعريف ڪريو.

4 آسمانن جا آسمان، اوهين سندس تعريف ڪريو، ۽ پاڻي بہ جي آسمان جي مٿان آهيو، اوهين سندس تعريف ڪريو.

5 ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هن حڪم ڏنو ۽ اهي پيدا ٿيا.

6 هن انهن کي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو آهي: هن هڪڙو قانون جاري ڪيو جو ڪڏهن زمين تان مٽجڻ جو نہ آهي.

7 سڀيئي واگهو، ۽ سمنڊ، اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.

8 باهہ ۽ ڳڙا، برف ۽ بخارا؛ ۽ واچوڙا جي هن جي ڪلام تي عمل ٿا ڪريو؛

9 سڀ جبل ۽ ٽڪريون؛ سڀ ميويدار ۽ سرو جا وڻ:

10 سڀ مرون ۽ ڍور؛ سرندڙ شيون ۽ اُڏامندڙ پکي:

11 زمين جا بادشاهہ ۽ سڀيئي اُمتون: زمين جا سڀيئي سردار ۽ منصف:

12 جوان مرد ۽ ڪنواريون ڇوڪريون: پير مرد توڙي ننڍڙا ٻار:

13 ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن؛ ڇالاءِ جو فقط هن جو ئي نالو سرفراز آهي: هن جو جلال آسمان ۽ زمين کان بہ مٿي عظيم آهي.

14 هن پنهنجن سڀني مقدسن، يعني پنهنجي ويجهي اُمت بني اسرائيل جي وڏائيءَ جي لاءِ سندن سڱ مٿي ڪيو آهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ