Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 14 - Sindhi Bible

1 احمق پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا آهي ئي ڪونہ. اهي خراب ٿيا آهن، انهن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.

2 خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي.

3 اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.

4 سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين.

5 اهي گهڻي ڊپ ۾ پيا: ڇو جو خدا راستبازن جي پيڙهيءَ سان آهي.

6 اوهين غريب جي صلاح کي لڄايو ٿا، ڇو جو خداوند هنجي پناهہ آهي.

7 شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت کي بند مان موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ