زبور 136 - Sindhi Bible1 خداوند جو شڪر ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 2 خدائن جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 3 خداوندن جي خداوند جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 4 انهي جو ئي جو اڪيلو وڏا وڏا ۽ عجيب ڪم ٿو ڪري: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 5 انهي جو جنهن دانائيءَ سان آسمان جوڙيا: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 6 انهي جو جنهن زمين کي پاڻي تي پکيڙيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 7 انهي جو جنهن وڏيون روشنيون جوڙيون: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين اهي. 8 ڏينهن تي حڪومت هلائڻ لاءِ سج جوڙيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 9 رات تي حڪومت هلائڻ لاءِ چنڊ ۽ تارا جوڙيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 10 انهي جو جنهن مصر جي پهريتن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 11 ۽ اسرائيل کي انهن منجهان ڪڍي آيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 12 هائو، پنهنجي زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 13 انهي جو جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي چيري ٻہ ڀاڱا ڪيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 14 ۽ اسرائيل کي انهي جي وچ مان پار لنگهايائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 15 پر فرعون ۽ سندس لشڪر کي ڳاڙهي سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 16 انهي جو جنهن بيابان ۾ پنهنجي اُمت جي رهبري ڪئي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 17 انهي جو جنهن وڏن وڏن بادشاهن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 18 ۽ ناليرن بادشاهن کي قتل ڪيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 19 امورين جي بادشاهہ سيحون کي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 20 ۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 21 ۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري ڏنائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 22 يعني پنهنجي بندي اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 23 جنهن اسان جي ڏک ۾ اسان جي سار لڌي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي: 24 ۽ اسان جي دشمنن کان اسان کي ڇڏايائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 25 جو سڀني ساهہ وارن کي روزي ٿو رسائي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 26 آسمان جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society