زبور 132 - Sindhi Bible1 اي خداوند، دائود جي خاطر سندس سڀني ڏکن کي ياد ڪر. 2 تہ ڪيئن هن خداوند جو قسم کنيو، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ مڃتا مڃيائين: 3 تہ آءٌ پنهنجي تنبوءَ ۾ داخل ڪين ٿيندس، نڪي پنهنجي هنڌ تي سمهندس؛ 4 ۽ نہ پنهنجن اکين ۾ ننڊ، ۽ نڪي پنهنجن ڇپرن ۾ پنڪي اچڻ ڏيندس؛ 5 جيسين ڪہ خداوند جي واسطي ڪو مڪان، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ ڪو خيمو نہ ملندو. 6 ڏسو، افراتا ۾ اسان انهي جي خبر ٻڌي: ۽ جهنگ جي ميدان ۾ هو اسان کي مليو. 7 اسين هن جي خيمن ۾ وڃي، سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪنداسين. 8 اي خداوند اُتي پنهنجيءَ آرامگاهہ ۾ اچ؛ تون ۽ تنهنجي قدرت جي صندوق. 9 ڀلي تہ تنهنجا ڪاهن راستبازيءَ جي پوشاڪ ڍڪين؛ ۽ تنهنجا مقدس خوشيءَ سان پڪارين. 10 پنهنجي بندي دائود جي خاطر پنهنجي مسح ڪيل جي دعا منظور ڪر. 11 خداوند دائود سان سچائيءَ ۾ قسم کنيو آهي؛ هو انهي کان ڪين ڦرندو: تہ آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس. 12 جيڪڏهن تنهنجا ٻار منهنجي عهد کي مڃيندا، ۽ جيڪا شاهدي آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي هلندا، تہ پوءِ انهن جا پٽ بہ هميشہ تائين تنهنجي تخت تي ويهندا. 13 ڇالاءِ جو خداوند صيون کي چونڊيو آهي؛ ۽ انهن کي پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو اٿس. 14 هيءَ هميشہ جي لاءِ منهنجي آرامگاهہ آهي؛ آءٌ هتي رهندس؛ ڇو جو مون انهي کي پسند ڪيو آهي. 15 آءٌ هن جي رزق ۾ ججهي برڪت وجهندس؛ ۽ سندس محتاجن کي ماني کارائي ڍءُ ڪرائيندس. 16 آءٌ هن جي ڪاهنن کي نجات جي پوشاڪ ڍڪائيندس: ۽ سندس مقدس خوشيءَ سان پڪاريندا. 17 اتي آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سڱ کڙو ڪندس؛ مون پنهنجي مسح ڪيل لاءِ هڪڙو ڏيئو تيار ڪيو آهي. 18 آءٌ هن جي دشمنن کي شرم جي پوشاڪ ڍڪائيندس: پر هن تي سندس تاج رونق افروز ٿيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society