زبور 131 - Sindhi Bible1 اي خداوند منهنجي دل ۾ مغروري ڪانهي، نڪي منهنجون اکيون آسمان ۾ آهن؛ نڪي جيڪي ڳالهيون وڏيون ۽ منهنجيءَ سمجهہ کان ٻاهر آهن، تن ۾ آءٌ پاڻ کي پتوڙيان ٿو. 2 سچ پچ مون پنهنجيءَ جان کي صابر ۽ ماٺيڻو ڪيو آهي؛ جيئن ڪو ٿڻن ڇڏايل ٻار ماءُ جي هنج ۾ هجي، تيئن منهنجي جان ٿڻن ڇڏايل ٻار وانگي مون ۾ آهي. 3 اي اسرائيل هن وقت کان وٺي هميشہ تائين خداوند ۾ اميد رک. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society