زبور 128 - Sindhi Bible1 مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي. 2 تون پنهنجي هٿن جي ڪمائي کائيندين؛ تون سکي رهندين، ۽ تنهنجو ڀلو ٿيندو. 3 تنهنجي زال تنهنجي گهر جي اندر ميويدار ڊاک وانگي ٿيندي: تنهنجا ٻار تنهنجي دسترخاني جي چوڌاري زيتون جي وڻن جهڙا ٿيندا. 4 ڏسو، جو ماڻهو خداوند کان ڊڄي ٿو سو انهيءَ طرح مبارڪ ٿيندو. 5 خداوند توکي صيون منجهان برڪت ڏيندو: ۽ تون پنهنجي سڄي ڄمار يروشلم جي ڀلائي ڏسندين. 6 هائو تون پنهنجي ٻارن جا ٻار ڏسندين. اسرائيل تي سلامتي هجي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society