زبور 125 - Sindhi Bible1 جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي. 2 جيئن يروشلم جي چوڌاري جبل آهن، تيئن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي چوڌاري، هن وقت کان وٺي هميشہ تائين آهي. 3 ڇو جو بدڪاريءَ جو عصو راستبازن جي ميراث تي رهي ڪين سگهندو؛ متان راستباز پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين. 4 اي خداوند جيڪي نيڪ ۽ سچيءَ دل وارا آهن، تن سان تون ئي ڀلائي ڪر. 5 پر جيڪي پنهنجي ڏنگيءَ واٽ ڏانهن ٿا ڦرن، تن کي خداوند خطاڪارن سان گڏ وٺي ويندو. شل اسرائيل تي سلامتي هجي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society