زبور 124 - Sindhi Bible1 هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ جيڪڏهن خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها؛ 2 جڏهن ماڻهو اسان جي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تڏهن جي خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها: 3 تہ جڏهن انهن جي ڪاوڙ اسان تي ڀڙڪو کاڌو، تڏهن اهي اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها: 4 انهيءَ مهل پاڻيءَ جي اُٿل اسان جي مٿان لنگهي وڃي ها، ۽ اسان جي جان وهڪري ۾ وهي وڃي ها: 5 ۽ تکيون لهرون اسان جي جان تان لنگهي وڃن ها. 6 شل خداوند مبارڪ هجي، جنهن اسان کي انهن جي ڏندن جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو. 7 اسان جي جان ائين ڇٽي ويئي آهي جيئن ڪو پکي ماريءَ جي ڦانڌي مان ڇٽي: ڦانڌي ڇڄي پيئي آهي، ۽ اسين ڇٽي ويا آهيون. 8 اسان جي مدد خداوند جي نالي ۾ آهي، جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society