زبور 123 - Sindhi Bible1 تون جو آسمانن ۾ ويٺو آهين، تو ڏانهن آءٌ پنهنجون اکيون کڻي ٿو نهاريان. 2 ڏسو، جيئن غلامن جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿ ڏانهن، ۽ جيئن ٻانهين جون اکيون پنهنجي سائڻ جي هٿ ڏانهن پيون نهارين؛ تيئن اسان جون اکيون خداوند اسان جي خدا ڏانهن پيون نهارين، جيسين ڪہ هو اسان تي رحم ڪري. 3 اسان تي رحم ڪر، اي خداوند، اسان تي رحم ڪر: ڇو جو اسين حقارت سهي سهي ٿڪجي پيا آهيون. 4 جيڪي آرام ۾ آهن تن جون ٺٺوليون، ۽ جيڪي مغرور آهن تن جي حقارت سهي، اسان جي جان ٿڪجي پيئي آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society