Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 113 - Sindhi Bible

1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. اي خداوند جا بندا، اوهين تعريف ڪريو، خداوند جي نالي جي تعريف ڪريو.

2 شل خداوند جو نالو هينئر کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ هجي.

3 سج جي اُڀرڻ کان وٺي انهي جي لهڻ تائين، خداوند جي تعريف ٿئي.

4 خداوند سڀني قومن تي بلند آهي، ۽ سندس جلال آسمانن تي بہ عظيم آهي.

5 خداوند اسان جو خدا، جو آسمانن ۾ تخت نشين آهي، تنهن جهڙو ٻيو ڪير آهي،

6 جو پاڻ کي نماڻو ٿو ڪري تہ آسمان ۽ زمين جي شين تي نظر ڪري؟

7 هو مسڪين کي مٽيءَ مان اُٿاري کڙو ٿو ڪري، ۽ محتاج کي ڪچري جي ڍير تان مٿي ٿو کڻي؛

8 انهي لاءِ تہ کيس اميرن سان، بلڪ پنهنجي قوم جي سردارن سان گڏ ويهاري.

9 هو سنڍ جو گهر آباد ٿو ڪري، ۽ کيس ٻارن جي سرهي ماءُ ٿو ڪري، خداوند جي تعريف ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ