زبور 112 - Sindhi Bible1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن کي خداوند جو ڊپ آهي، اهو سندس حڪمن جي ڪري گهڻو خوش ٿو رهي. 2 هن جو نسل زمين تي زوراور ٿيندو: ۽ راستبازن جي اولاد مبارڪ ٿيندو. 3 هن جي گهر ۾ مال ۽ دولت ٿيندي: ۽ سندس سچائي هميشہ تائين قائم رهندي. 4 سچارن لاءِ اوندهہ ۾ سوجهرو ٿو نڪري: هو رحيم، ٻاجهارو، ۽ راستباز آهي. 5 جيڪو ماڻهو رحم ڪري اُڌارو ٿو ڏئي تنهن جو ڀلو ٿيندو؛ هو پنهنجو ڪم ڪار سچائيءَ سان ڪندو. 6 هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو؛ ڇو جو راستباز جي يادگيري هميشہ تائين رهندي. 7 هو خراب خبر ٻڌي ڪين ڊڄندو، سندس دل قائم آهي، ڇو جو خداوند تي ڀروسو رکيو اٿس. 8 هن جي دل قائم آهي، تنهن ڪري هو ڪين ڊڄندو، ايترو جو هو پنهنجي دشمنن کي ڏسي وٺندو. 9 هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو. 10 بدڪار اهو ڏسي سڙي ويندو؛ هو اهو ڏسي ڏند ڪرٽيندو، ۽ ڳري ويندو. بڇڙن جي مراد تباهہ ٿي ويندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society