زبور 108 - Sindhi Bible1 اي خدا منهنجي دل قائم آهي، آءٌ گيت ڳائيندس، هائو آءٌ دل سان تعريف جا گيت ڳائيندس. 2 اي منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس. 3 اي خداوند آءٌ ماڻهن ۾ تنهنجو شڪر ڪندس، آءٌ قومن ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس. 4 ڇالاءِ جو تنهنجو رحم آسمانن تائين آهي، ۽ تنهنجي سچائي ڪڪرن تائين پهتي آهي. 5 اي خدا تون آسمانن تي سرفراز ٿيءُ: ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي. 6 تون پنهنجي ساڄي هٿ سان بچاءِ ۽ اسان کي جواب ڏي، تہ تنهنجا محبوب ڇٽي پون. 7 خدا پنهنجيءَ پاڪيزگيءَ ۾ فرمايو آهي، آءٌ خوشي ڪندس: آءٌ سڪم کي ورهائي ڀاڱا ڪندس ۽ سڪات جي واديءَ کي ماپي ڏيندس. 8 جلعاد منهنجو آهي، منسي بہ منهنجو آهي؛ افرائيم بہ منهنجي مٿي جو بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداهہ منهنجو عصو آهي. 9 موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي؛ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: فلستين تي آءٌ للڪاريندس. 10 ڪير مون کي انهيءَ ڪوٽ واري شهر ۾ وٺي ويندو؟ ڪير مون کي ادوم تائين وٺي ويو آهي؟ 11 اي خدا تو اسان کي ڪڍي نہ ڇڏيو آهي ڇا؛ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين. 12 دشمن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر: ڇو تہ انسان جي مدد اجائي آهي. 13 خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمن کي پائمال ڪندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society