Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 1 - Sindhi Bible


پهريون ڪتاب

1 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو بڇڙن جي صلاح تي نٿو هلي، ۽ گنهگارن جي رستي تي نٿو بيهي، ۽ گلا خورن جي محفل ۾ نٿو ويهي.

2 پر انهي جي خوشي خداوند جي شريعت ۾ آهي؛ ۽ رات ڏينهن سندس شريعت تي غور ٿو ڪري.

3 هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.

4 پر بڇڙن جو حال اهڙو نہ آهي؛ اهي بهہ وانگي آهن جنهن کي واءُ اڏايو ڇڏي.

5 تنهن ڪري بڇڙا عدالت ۾ قائم ڪين رهندا، نڪي گنهگار راستبازن جي محفل ۾.

6 ڇالاءِ جو خداوند، راستبازن جي واٽ ڄاڻي ٿو: پر بڇڙن جي واٽ نابود ٿي ويندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ