چوڻيون 9 - Sindhi Bible1 ڏاهپ پنهنجو گهر جوڙيو آهي، هن پنهنجا ست ٿنڀ ٽڪي ڪڍيا آهن؛ 2 هن پنهنجا جانور ذبح ڪيا آهن؛ هن پنهنجو شراب گڏيو آهي؛ هن پنهنجو دسترخانو بہ وڇايو آهي. 3 هن پنهنجون ٻانهيون موڪليون آهن، هوءَ شهر جي تمام مٿانهين جاين تي پڪاري چوي ٿي تہ 4 جيڪو ڀورڙو آهي سو ڀلي تہ هتي اچي: جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهن کي هوءَ چوي ٿي، تہ 5 اچي منهنجي مانيءَ مان کاءُ، ۽ جيڪو شراب مون گڏيو آهي تنهن مان پيءُ. 6 بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو. 7 جيڪو ٺٺولي ڪندڙ کي سيکت ڏئي ٿو سو پنهنجي لاءِ شرم حاصل ڪري ٿو، ۽ جيڪو شرير ماڻهوءَ کي ملامت ڪري ٿو سو پاڻ تي داغ آڻي ٿو. 8 ٺٺولي ڪندڙ کي ملامت نہ ڪر تہ متان هو توکي ڌڪاري: ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي ملامت ڪر تہ اُهو توکي پيار ڪندو. 9 ڏاهي ماڻهوءَ کي تعليم ڏي تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو: سچي ماڻهوءَ کي سيکار تہ هن جو علم زيادہ ٿيندو. 10 خداوند جو خوف ڏاهپ جو منڍ آهي، ۽ پاڪ خدا جي سياڻپ سمجهہ آهي. 11 ڇالاءِ جو منهنجي وسيلي تنهنجا ڏينهن وڌندا، ۽ تنهنجي حياتيءَ جا ورهيہ زيادہ ٿيندا. 12 جيڪڏهن تون ڏاهو آهين تہ پنهنجي لاءِ ڏاهو آهين: ۽ جيڪڏهن تون ٺٺوليون ڪندين تہ تون ئي انهيءَ جو بار کڻندين. 13 بي عقل زال بڪ بڪ ڪندڙ آهي: هوءَ ڀورڙي آهي ۽ ڪجهہ نٿي ڄاڻي. 14 هوءَ پنهنجي گهر جي در تي ويهي ٿي. شهر جي مٿانهين جاين ۾ هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي. 15 انهيءَ لاءِ تہ جيڪي اتان لنگهن ۽ پنهنجو رستو ڏيئي وڃن تن کي سڏي چوي تہ، 16 جيڪو ڀورڙو هجي سو ڦري هيڏانهن اچي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهن کي هو چوي ٿي تہ، 17 چورايل پاڻي مٺو ٿو ٿئي، ۽ جيڪا ماني لڪي ٿي کائجي سا چڱي ٿي لڳي. 18 پر هو نہ ٿو ڄاڻي تہ مئل اتي آهن؛ ۽ ان جا مهمان قبر جي تري ۾ آهن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society