چوڻيون 5 - Sindhi Bible1 اي منهنجا پٽ، منهنجي ڏاهپ تي ڌيان ڏي؛ منهنجي سمجهہ ڏانهن ڪن ڪر: 2 تہ تون عقل قائم رکين، ۽ تنهنجا چپ علم جي سنڀال رکن. 3 ڇالاءِ جو ڌاريءَ زال جي چپن مان ماکي وهي ٿي، ۽ ان جو وات تيل کان وڌيڪ سڻڀو آهي. 4 پر ان جي پڇاڙي زهر جهڙي ڪَڙي، ۽ ٻہ منهين ترار جهڙي تکي آهي. 5 ان جا پير موت ۾ لاهين ٿا؛ ۽ ان جا قدم قبر تي وڃيو ٿا کپن؛ 6 جنهن ڪري هوءَ حياتيءَ جو سنئون رستو نٿي لهي: هن جون واٽون پڪيون نہ آهن، ۽ انهيءَ جي هن کي خبر ڪانہ ٿي پوي. 7 تنهن ڪري هاڻي، اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ منهنجي وات جي ڪلام کان ٻاهر نہ وڃو. 8 انهيءَ زال کان پنهنجو رستو پري ڪريو، ۽ ان جي گهر جي در کي ويجها نہ وڃو؛ 9 تہ متان پنهنجي عزت ٻين کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ پنهنجا ورهيہ ظالمن کي: 10 متان ڌاريا ماڻهو اوهان جي طاقت تي ڀرجي وڃن؛ ۽ اوهان جا پورهيا ڪنهن اجنبيءَ جي گهر ۾ وڃن؛ 11 ۽ تون پنهنجي پڇاڙيءَ تي افسوس ڪرين، جڏهن تنهنجو ماس ۽ جسم فنا ٿي وڃن، 12 ۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛ 13 نڪي مون پنهنجن استادن جو چيو مڃيو آهي، ۽ نہ پنهنجي تعليم ڏيندڙن ڏانهن مون پنهنجو ڪن ڏنو! 14 آءٌ ذري گهٽ انهيءَ جماعت ۽ مجلس جي وچ ۾، هر قسم جي خرابيءَ ۾ وڃي پيس. 15 پاڻي خود پنهنجي چشمي مان پيءُ ۽ وهندڙ پاڻيءَ جو خود تنهنجي کوهہ مان ٿو نڪري، 16 تنهنجا چشما پري پکڙي وڃن ڇا، ۽ پاڻيءَ جون نديون گهٽين ۾ وهي وڃن ڇا؟ 17 ڀلي تہ اُهي رڳو تنهنجي لاءِ هجن ۽ نہ انهن ڌارين لاءِ جي تو سان آهن. 18 ڀلي تہ تنهنجو چشمو برڪت وارو هجي، ۽ تون پنهنجي جوانيءَ جي زال سان خوش رهہ. 19 پيار ڪندڙ هرڻي ۽ وڻندڙ ڦاڙهيءَ وانگر ڀلي تہ انهيءَ جا ٿڻ هر وقت توکي خوش رکن؛ تون هميشہ انهيءَ جي محبت ۾ مست رهہ. 20 اي منهنجا پٽ، ڇو تون پرائيءَ زال تي مست ٿو ٿين، ۽ ڌاريءَ زال جي سيني کي ڀاڪر ٿو وجهين؟ 21 ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري. 22 شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو. 23 هو تعليم نہ ملڻ ڪري مري ويندو؛ ۽ پنهنجي وڏيءَ بي عقليءَ جي ڪري هو گمراهہ ٿي ويندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society