عبدياہ 1 - Sindhi Bible1 عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون. 2 ڏس، مون توکي قومن ۾ حقير ڪيو آهي: تون تمام گهڻو ڌڪاريل آهين. 3 تون جو ٽڪرن جي چرن ۾ رهين ٿو، جنهن جي رهڻ جو مڪان مٿانهون آهي، توکي تنهنجي دل جي مغروريءَ ٺڳيو آهي، جو پنهنجي دل ۾ چوين ٿو تہ ڪير مون کي زمين تي ڪيرائي وجهندو؟ 4 خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون عقاب وانگي مٿي چڙهندين، ۽ جيتوڻيڪ تنهنجو آکيرو کڻي تارن منجهہ ٺاهيل هجي، تہ بہ آءٌ اُتان توکي لاهي هيٺ آڻيندس؛ 5 جيڪڏهن چور تو وٽ اچن، جيڪڏهن ڌاڙيل رات جو کڻي اچن، (تون ڪهڙو نہ وڍجي ويو آهين!) تہ اُهي ايستائين نہ پيا چورائيندا ڇا جيستائين جيترو کپين اوترو کڻي وڃن؟ جيڪڏهن ڊاک چونڊيندڙ تو وٽ اچن، تہ اُهي ڪي داڻا جيڪر ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ 6 پر عيسوءَ جون شيون ڪيئن نہ ڳولي ڪڍيون اٿن! هن جا لڪل خزانا ڪيئن نہ تلاش ڪري لڌا اٿن! 7 تنهنجي سڀني صلاحڪارن توکي ڌڪي ڪڍي سرحد تي آندو آهي. جيڪي ماڻهو توسان صلح ۾ هئا، تن توکي ٺڳيو آهي، ۽ اُهي توتي غالب آيا آهن. جيڪي تنهنجي ماني ٿا کائين، سي تنهنجي هيٺان ڦانڌو ٿا رکن: هن ۾ ڪابہ سمجهہ ڪانهي. 8 خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن آءٌ ادوم مان ڏاها ماڻهو، ۽ عيسو جي جبل مان سمجهہ ناس ڪري نہ ڇڏيندس ڇا؟ 9 اي تيمان، تنهنجا بهادر مرد حيران پريشان ٿيندا، انهي لاءِ تہ سڀڪو ماڻهو عيسوءَ جي جبل مان قتل ڪيو وڃي. 10 جيڪا زور زبردستي تو پنهنجي ڀاءُ يعقوب سان ڪئي آهي، تنهن جي ڪري شرم توکي ڍڪي ڇڏيندو، ۽ تون هميشہ لاءِ وڍيو ويندين. 11 جنهن ڏينهن ڌاريا ماڻهو هن جو مال متاع کڻي ويا، انهيءَ ڏينهن تون علحدو ٿي بيٺين؛ ۽ جنهن ڏينهن ٻين ملڪن جا ماڻهو هن جي درن اندر گهڙي آيا، ۽ يروشلم تي ڪُڻا وجهڻ لڳا، انهي ڏينهن تون بہ هنن جهڙو هئين. 12 پر تون پنهنجي ڀاءُ جي مصيبت جي ڏينهن نہ بيهي نهار، ۽ يهوداہ جي اولاد تي سندن تباهي جي ڏينهن خوشي نہ ڪر؛ نڪي مصيبت جي ڏينهن فخر جون ڳالهيون ڪر. 13 تون منهنجي قوم جي در اندر سندن مصيبت جي ڏينهن متان گهڙين، هائو، آفت جي ڏينهن هنن جي مصيبت تي بيهي نہ نهار، نڪي سندن آفت جي ڏينهن سندن مال ملڪيت تي تون پنهنجا هٿ ڊگهير. 14 ۽ تون چوسول تي نہ بيهہ، انهي لاءِ تہ هن جي ماڻهن مان جيڪي ڀڄي نڪرن، تن کي قتل ڪرين: 15 ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن سڀني قومن تي ويجهو آيو آهي: جيئن تو پاڻ ڪيو آهي، تيئن توسان بہ ڪيو ويندو؛ تنهنجو ڪيو خود تنهنجي مٿي تي موٽي ايندو. 16 ڇالاءِ جو جيئن اوهان منهنجي پاڪ جبل تي پيتو آهي، تيئن سڀ قومون هميشہ پيون پيئنديون؛ هائو، هو پيئنديون ۽ ڳهي وينديون، ۽ اهڙيون ٿينديون ڄڻ تہ هيون ئي ڪين. 17 پر صيون جي جبل تي اُهي هوندا، جي ڀڄي نڪرندا، ۽ اُهو پاڪ ٿيندو، ۽ يعقوب جو گهراڻو پنهنجي ملڪيت جو مالڪ ٿيندو. 18 ۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي. 19 ۽ ڏکڻ وارا عيسو جو جبل هٿ ڪندا؛ ۽ هيٺانهين ملڪ وارا فلستين هٿ ڪندا: ۽ هو افرائيم جي ٻني ۽ سامريہ جي ٻني هٿ ڪندا: ۽ بنيمين جلعاد جو مالڪ ٿيندو. 20 ۽ بني اسرائيل جي لشڪر جا قيدي جي ڪنعانين منجهہ آهن، سي صارپت تائين ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ يروشلم جا قيدي جي سفاراد ۾ آهن، سي ڏکڻ جا شهر هٿ ڪندا. 21 ۽ صيون جي جبل تي نجات ڏيندڙ اچي ويندا، انهي لاءِ تہ عيسو جي جبل جي عدالت ڪن؛ ۽ بادشاهت خداوند جي ٿيندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society