Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ڳاڻاٽو 17 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کانئن سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، يعني سندن سڀني سردارن کان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هڪ هڪ لٺ، يعني مڙيئي ٻارهن لٺيون وٺ، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.

3 ۽ تون لاويءَ جي لٺ تي هارون جو نالو لک: ڇالاءِ جو هنن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن مان هرهڪ جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گهرجي.

4 ۽ تون اهي جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان، جتي آءٌ توسان گڏبو آهيان، اُتي آڻي رک.

5 ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ پسند ڪندس تنهن جي لٺ ۾ مکڙيون ڦٽي نڪرنديون، ۽ تنهنجي برخلاف بني اسرائيل جي ڪرڪر آءٌ پاڻ تان لاهي ڇڏيندس.

6 سو موسيٰ بني اسرائيل کي اها ڳالهہ ٻڌائي، ۽ انهن جي سردارن مان هرهڪ سردار پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب هڪ هڪ لٺ ڏني، يعني هنن کيس ٻارهن لٺيون ڏنيون، ۽ هارون جي لٺ بہ هنن جي لٺين ۾ هئي.

7 ۽ موسيٰ اُهي شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.

8 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي تہ هارون واري لٺ، جا لاويءَ جي گهراڻي لاءِ هئي، تنهن ۾ مکڙيون ڦٽيون آهن، ۽ گل نڪتا آهن، ۽ پڪيون باداميون لڳيون آهن.

9 تڏهن موسيٰ سڀ لٺيون خداوند جي حضور مان کڻي، سڀني بني اسرائيلين وٽ آنديون، ۽ هنن ڏٺو، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ ورتي.

10 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هارون جي لٺ شاهديءَ جي صندوق جي سامهون رک، تہ فساد ڪندڙن لاءِ نشاني ٿي رهي، ۽ اهي منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر ٿا ڪن، سا تون بند ڪري ڇڏين، تہ متان هو مري وڃن.

11 سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.

12 پوءِ بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ڏس، اسين تباهہ ٿا ٿيون، اسين چٽ ٿا ٿيون، اسين سڀيئي چٽ ٿا ٿيون.

13 جيڪو ماڻهو خداوند جي خيمي جي ويجهو ٿو اچي، سو مري ٿو: اسين سڀ نابود ٿي وينداسين ڇا؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ