Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ڳاڻاٽو 15 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪو ملڪ آءٌ اوهان کي رهڻ لاءِ ڏيان ٿو، تنهن ۾، جڏهن اوهين وڃي پهچو،

3 ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛

4 تہ انهي وقت جيڪو خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري، سو هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي.

5 سو سوختني قربانيءَ يا ٻيءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهيٽي جي پٺيان، هڪڙي هين جو چوٿون حصو مئي جو تون پيئڻ واري قربانيءَ جي لاءِ تيار ڪج.

6 يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهٽي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري تيل ۾ تيار ڪج.

7 ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري مئي، خداوند جي لاءِ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي تيار ڪج.

8 ۽ جڏهن تون سوختني قربانيءَ لاءِ، يا ڪا مڃت پوري ڪرڻ جي قربانيءَ لاءِ، يا سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ، ڪو وهڙو تيار ڪرين،

9 تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ هڪڙي ايفہ جي ٽئين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي اڌ جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.

10 ۽ تون پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي اڌ جيتري مئي، باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي آڻي پيش ڪج.

11 هرهڪ وهڙي، ۽ هرهڪ گهٽي، ۽ هرهڪ گهيٽي، ۽ هرهڪ ڇيلي لاءِ، انهيءَ طرح ڪيو وڃي.

12 اوهين پنهنجين قربانين لاءِ جيترا جانور آڻيو، تن جي شمار موجب هرهڪ سان ائين ئي ڪجو.

13 جيڪي ملڪ ۾ ڄاول آهن، سي سڀ خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي باهہ سان ساڙيل قرباني پيش ڪرڻ وقت ائين ئي ڪن.

14 ۽ جيڪڏهن ڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي، يا جيڪو پيڙهين کان وٺي اوهان ۾ رهندو هجي، سو جيڪڏهن خداوند جي لاءِ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ تہ اهو بہ ائين ئي ڪري، جيئن اوهين ٿا ڪريو.

15 جماعت جي لاءِ، يعني اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي انهي جي لاءِ، اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ هڪڙو ئي قانون ٿيندو: خداوند جي اڳيان پرديسي مسافر بہ اهڙا ئي آهن، جهڙا اوهين آهيو.

16 اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي، انهي جي لاءِ هڪڙي ئي شريعت ۽ هڪڙو ئي قانون ٿيندو.

17 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

18 تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ پهچو، جنهن ۾ آءٌ اوهان کي وٺي ٿو وڃان،

19 ۽ انهي ملڪ جي ماني کائو، تڏهن خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قرباني پيش ڪجو.

20 اوهين پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان هڪڙي ماني کڻڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏجو، جهڙيءَ طرح ان ڳاهڻ وقت کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا آهيو، تهڙيءَ طرح اها بہ مٿي کڻجو.

21 اوهين پنهنجين سڀني پيڙهين ۾، پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا رهجو.

22 ۽ جڏهن اوهين ڀل ڪري هي سڀ ڪم، جي خداوند موسيٰ کي فرمايا سي بجا نہ آڻيو،

23 يعني جيڪي بہ حڪم خداوند موسيٰ جي معرفت اوهان کي ڏنا آهن، سي پهرين ڏينهن کان وٺي اوهانجين سڀني پيڙهين تائين بجا نہ آڻيو؛

24 تہ پوءِ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن ڀل مان اوهان کان خطا ٿي هجي، ۽ جماعت کي انهيءَ جي خبر نہ پوي، تہ پوءِ ساري جماعت خداوند جي لاءِ خوشبوءِ ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، انهي جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ سان گڏ دستوري حڪم موجب آڻي پيش ڪري؛ ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر پيش ڪري.

25 ۽ ڪاهن بني اسرائيل جي ساري جماعت لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي؛ ڇالاءِ جو اها هڪڙي ڀل ٿي ويئي هئي، تنهنڪري هنن پنهنجو نذرانو، يعني باهہ سان ساڙيل قرباني، ۽ پنهنجي خطا جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ اُنهي ڀل لاءِ پيش ڪئي:

26 پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت کي، ۽ پرديسي جيڪي ساڻن گڏ ٿا رهن، تن کي بہ معافي ملندي؛ ڇالاءِ جو اها خطا جماعت کان ڀل مان ٿي هئي.

27 ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ڀل مان گناهہ ڪري، تہ هو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ يڪسالي ٻڪري پيش ڪري.

28 ۽ جنهن شخص ڀل مان اها خطا ڪئي آهي، تنهن جي گناهہ جي لاءِ، ڪاهن خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهي کي معافي ملندي.

29 بني اسرائيل مان جيڪو ڀل مان خطا ڪري، سو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي منجهن رهندڙ پرديسي هجي، تہ انهي لاءِ اوهين هڪڙو ئي قانون رکجو.

30 پر جيڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي ڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي پرديسي هجي، تہ اهو خداوند جي لاءِ ڪفر ٿو بڪي؛ ۽ اهو شخص پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.

31 ڇالاءِ جو هن خداوند جي ڪلام جي بي ادبي ڪئي، ۽ سندس حڪم ڀڳائين؛ اهڙو شخص اصل تباهہ ڪيو ويندو، ۽ هن جو گناهہ انهي جي سر تي رهندو.

32 جڏهن اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ هئا، تڏهن هنن هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو.

33 ۽ جن هن کي ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو، سي کيس موسيٰ، ۽ هارون، ۽ ساري جماعت وٽ وٺي آيا.

34 ۽ انهن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇالاءِ جو انهن کي اهو ڪونہ ڄاڻايل هو تہ هن سان ڪهڙي هلت ڪجي.

35 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هن ماڻهوءَ کي ضرور ماري ڇڏڻ گهرجي، ۽ ساري جماعت منزلگاهہ جي ٻاهران هن کي سنگسار ڪري.

36 سو ساريءَ جماعت هن کي منزلگاهہ جي ٻاهر آڻي سنگسار ڪيو، ۽ هو مري ويو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.

37 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

38 تون بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ هو پنهنجين سڀني پيڙهين ۾، پنهنجن پهراڻن جي ڪنارن تي جهالرون لڳائين، ۽ هرهڪ ڪناري جي جهالر تي آسماني رنگ جي پٽي لڳائين.

39 اها جهالر اوهان جي هن ڪم ايندي، تہ اوهين انهيءَ کي ڏسي، خداوند جا سڀ حڪم ياد ڪريو، ۽ عمل ۾ آڻيو: ۽ اوهين پنهنجين اکين ۽ پنهنجيءَ دل جي تابع ٿي، زناڪاري نہ ڪريو؛ جيئن هن وقت تائين ڪندا آيا آهيو.

40 پر منهنجن سڀني حڪمن کي ياد ڪري عمل ۾ آڻيو، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ٿيو:

41 آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ