Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

مرقس 14 - Sindhi Bible

1 هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:

2 ڇالاءِ جو هنن چيو تہ عيد جي ڏينهن نہ، متان اُمت ۾ گوڙ ٿي پوي.

3 ۽ جڏهن بيت عنياہ ۾، هن شمعون ڪوڙهئي جي گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هڪڙي زال سنگ مرمر جي عطرداني کڻي آئي، جنهن ۾ تمام قيمتي جٽاماسي جو عطر هو؛ ۽ اُها عطرداني ڀڃي هن جي مٿان اوتيائين.

4 پر ڪي اُتي هئا جي ڪاوڙجي چوڻ لڳا تہ ڪهڙي سبب ڪري هي عطر زيان ڪيو ويو آهي؟

5 ڇالاءِ تہ جيڪر هي عطر ٽن سون دينارن کان بہ زيادہ قيمت تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها. ۽ هو انهيءَ زال جي برخلاف سُر پُر ڪرڻ لڳا.

6 پر يسوع چيو تہ هن کي ڇڏي ڏيو، ڇو ٿا ستايوس؟ هن مون سان چڱائي ڪئي آهي.

7 ڇالاءِ جو غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا، ۽ جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿيندي، تڏهن هنن سان ڀلائي ڪري سگهندا، پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.

8 هن کان جيڪي ٿي سگهيو، سو هن ڪيو آهي: هن منهنجي بدن کي دفن جي لاءِ اڳيئي عطر مکيو آهي.

9 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جتي بہ ساريءَ دنيا ۾ انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن زال جيڪي ڪيو آهي، تنهن جو ذڪر سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو.

10 پوءِ يهوداہ اسڪريوتي، جو اُنهن ٻارهن مان هڪڙو هو، سو سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهي لاءِ تہ هن کي سندن حوالي ڪري.

11 ۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي تڏهن خوش ٿيا، ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي هنن جي حوالي ڪريان.

12 ۽ فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هنن فسح جي قرباني ٿي چاڙهي، تڏهن هن جي شاگردن کيس چيو تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي، تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ جي ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟

13 هن پنهنجن شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ شهر ۾ وڃو، ۽ اُتي اوهان کي هڪڙو ماڻهو گڏبو جو پاڻيءَ جو دلو کنيو ايندو: اُنهي جي پٺيان وڃجو؛

14 ۽ جنهن گهر ۾ اُهو گهڙي وڃي، اُنهي جي مالڪ کي چئجو، تہ اُستاد چوي ٿو تہ منهنجو مهمان خانو ڪٿي آهي، جتي آئون پنهنجن شاگردن سان گڏ فسح کاوان؟

15 ۽ اُهو پاڻهي اوهان کي ماڙيءَ تي بالاخانو سينگاريل ۽ تيار ٿيل ڏيکاريندو: اُتي اسان جي لاءِ تياري ڪجو.

16 سو شاگرد روانا ٿيا ۽ شهر ۾ آيا، جيئن هن چيو هون، تيئن اچي ڏٺائون، ۽ فسح تيار ڪيائون.

17 ۽ جڏهن سانجهي ٿي تڏهن هو ٻارهن ئي سان گڏجي آيو.

18 ۽ جڏهن کاڌائون ويٺي تڏهن يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو جو مون سان گڏ ويٺو کائي، سو مون کي جهلائيندو.

19 تنهن تي هو غمگين ٿيڻ لڳا، ۽ هڪڙو هڪڙو ٿي چوڻ لڳس، تہ آئون آهيان ڇا؟

20 هن چين تہ ٻارهن مان هڪڙو آهي بلڪ اُهو جو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان ٿو ٻوڙي.

21 ڇالاءِ جو ابن آدم تہ وڃي ٿو، جيئن ڪ سندس بابت لکيل آهي، پر افسوس اُنهي ماڻهوءَ تي آهي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلجي ٿو! اُنهي ماڻهوءَ لاءِ چڱو ٿئي ها جي هو ڄمي ئي نہ ها.

22 ۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي، تہ هن ماني کنئي، ۽ برڪت ڏيئي اُها ڀڳائين، ۽ اُنهن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، هي منهنجو بدن آهي.

23 ۽ پيالو کڻي شڪر ڪري هنن کي ڏنائين، ۽ اُنهن سڀني اُنهي مان پيتو.

24 ۽ چيائين تہ عهد جو هيءُ منهنجو رت آهي، جو گهڻن لاءِ وهائجي ٿو.

25 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ آئون وري انهي ڏينهن تائين ڪڏهن ڊاک جي رس نہ پيئندس، جيستائين ڪ خدا جي بادشاهت ۾ اها نئين سر نہ پيئان.

26 ۽ جڏهن زبور ڳائي چڪا، تڏهن هو زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.

27 ۽ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ گمراهہ ٿيندا، ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون رُلي ڇلي وينديون.“

28 انهي هوندي بہ آئون پنهنجي جي اُٿڻ کانپوءِ، اوهان کان اڳي گليل ڏانهن ويندس.

29 پر پطرس چيس تہ جيتوڻيڪ سڀيئي ٺوڪر کائيندا، تہ بہ آئون گمراهہ ڪين ٿيندس.

30 يسوع هن کي چيو تہ آئون توکي سچ ٿو چوان تہ اڄ، بلڪ اڄوڪي رات، ڪڪڙ جي ٻن ڀيرن ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.

31 پر هن ڏاڍي جوش مان چيس تہ جيڪڏهن مون کي توسان گڏ مرڻو بہ پوي، تہ بہ آئون انڪار ڪين ڪندس. ۽ ٻين سڀني بہ انهيءَ طرح چيو.

32 ۽ هو هڪڙي هنڌ آيا، جنهن کي گيتسمني سڏيندا هئا، ۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ اوهين هتي ويٺا رهو، جيسين ڪ آئون دعا گهران.

33 ۽ هن پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو، ۽ ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.

34 ۽ هنن کي چيائين تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو، ۽ جاڳندا رهو.

35 ۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو ۽ زمين تي ڪِري دعا گهرڻ لڳو، تہ جي ٿي سگهي تہ هيءَ گهڙي مون کان ٽري وڃي.

36 ۽ چيائين، تہ اي ابا، اي پيءُ، تون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهين؛ هي پيالو مون تان ٽار، اِنهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.

37 ۽ هو موٽي آيو ۽ اچي هنن کي سُتل ڏسي، پطرس کي چيائين، تہ اي شمعون، تون بہ سمهيو پيو آهين؟ هڪڙي گهڙي بہ سجاڳ رهي نٿو سگهين؟

38 اوهين جاڳو، ۽ دعا گهُرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: سچ روح تہ تيار آهي، مگر جسم ضعيف آهي؛

39 ۽ وري هو هليو ويو، ۽ ساڳي ڳالهہ چئي دعا گهُريائين.

40 ۽ وري اچي هنن کي سُتل ڏٺائين، ڇالاءِ جو هنن جون اکيون ننڊ ۾ ڀريون پيون هيون، ۽ خبر ئي نٿي پين تہ ڪهڙو جواب ڏيونس.

41 ۽ هو ٽيون دفعو آيو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو، ۽ آرام وٺو: بس اُها گهڙي اچي پهتي آهي؛ اِجهو ابن آدم گنهگارن جي هٿن ۾ ڏنو ٿو وڃي.

42 اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو، جيڪو مون کي جهلائي ٿو سو ويجهو آيو آهي.

43 ۽ يڪدم اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ يهوداہ، جو ٻارهن مان هڪڙو هو، سو آيو، ۽ انهي سان گڏ هڪڙي جماعت ترارن ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ۽ بزرگن موڪليو هو.

44 هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، ۽ چيو هئائين، تہ جنهن کي آئون چُمان سو اٿوَ؛ انهي کي جهلجو ۽ سنڀالي وٺي وڃجوس.

45 ۽ جڏهن هو اچي پهتو، تڏهن يڪدم وٽس اچي چيائين تہ اي اُستاد؛ ۽ چُميائينس.

46 تنهن تي هنن کڻي هٿ وڌس، ۽ قابو ڪيائونس.

47 پر جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي پنهنجي ترار ڪڍي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي، ۽ هن جو ڪَن ڪَپي ڇڏيائين.

48 يسوع هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ ترارون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟

49 مون هر روز اوهان وٽ هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، ۽ اوهان تہ مون کي پڪڙيو ئي ڪين! پر هي انهي ڪري ٿيو آهي تہ پاڪ لکيتون پوريون ٿين.

50 پوءِ سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.

51 ۽ هڪڙو جوان ماڻهو جنهن جي اُگهاڙي بُت تي سنهي چادر پيل هئي، سو هن جي پٺيان پئي ويو، انهي کي بہ هنن کڻي جهليو.

52 پر هو اها سنهي چادر ڇڏي اُگهاڙو اُٿي ڀڳو.

53 ۽ هو يسوع کي سردار ڪاهن وٽ وٺي آيا: ۽ اُتي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ بزرگ ۽ فقيهہ هن وٽ اچي گڏ ٿيا.

54 ۽ پطرس پري کان هن جي پٺيان پئي آيو، ۽ اصل سردار ڪاهن جي ايوان اندر گهڙي ويو، ۽ سپاهين سان گڏ باهہ تي ويٺي پاڻ سيڪيائين.

55 هاڻي سردار ڪاهن ۽ سڄي صدر مجلس يسوع کي قتل ڪرڻ لاءِ سندس برخلاف شاهدي ڳولڻ لڳي، پر ڪانہ ملين.

56 ڇالاءِ جو گهڻن ئي مٿس ڪوڙيون شاهديون ڏنيون، مگر سندن شاهديون پاڻ ۾ نٿي مليون.

57 ۽ ڪي اُٿي بيٺا ۽ مٿس ڪوڙي شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ

58 اسان هن کي چوندو ٻُڌو آهي، تہ هي هيڪل جو هٿن سان جوڙيو ويو آهي، تنهن کي آئون ڊاهيندس، ۽ وري ٽن ڏينهن ۾ ٻيو اڏيندس، جو هٿن کانسواءِ جُڙيل هوندو.

59 پر انهي ۾ بہ سندن شاهدي پاڻ ۾ نٿي ملي.

60 تڏهن سردار ڪاهن وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ يسوع کان پڇڻ لڳو تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ هي تو تي ڪهڙي شاهدي ٿا ڀرن؟

61 پر هو ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنائين. وري بہ سردار ڪاهن سوال پڇيس ۽ چيائينس تہ تون انهي سڳوري جو فرزند، مسيح آهين ڇا؟

62 يسوع چيو تہ آئون آهيان: ۽ اوهين ابن آدم کي قدرت جي ساڄي پاسي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن سان ايندو ڏسندا.

63 تنهن تي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ چوڻ لڳو تہ اسان کي شاهدن جي ٻي ڪهڙي گهرج آهي؟

64 اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي: ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن سڀني اها فتويٰ ڏني تہ هي موت جي لائق آهي.

65 ۽ ڪي مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ سندس منهن ڍڪڻ، ۽ کيس ٺونشا هڻڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳس تہ نبوت ڪر، ۽ سپاهين چماٽون هڻي هن کي پنهنجي حوالي ڪيو.

66 ۽ جڏهن پطرس هيٺ ايوان ۾ هو، تڏهن سردار ڪاهن جي نوڪرياڻين مان هڪڙي آئي؛

67 ۽ پطرس کي پاڻ سيڪيندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، تہ تون بہ هن يسوع ناصريءَ سان هئين.

68 پر هن انڪار ڪري چيس تہ جيڪي تون چوين ٿي، سو نڪي آئون ڄاڻان ٿو، نڪي سمجهان ٿو. پوءِ هو نڪري ڏيڍيءَ ۾ ويو، تہ ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

69 ۽ انهيءَ نوڪرياڻيءَ ڏٺس، ۽ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن کي وري چوڻ لڳي، تہ هي هنن مان هڪڙو آهي.

70 پر هن وري بہ انڪار ڪيو، ۽ ٿوري وقت کانپوءِ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن پطرس کي چيو تہ سچ پچ تون هنن مان هڪڙو آهين؛ ڇالاءِ جو تون گليلي آهين.

71 پر هو لعنت وجهڻ لڳو، ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو، تہ هي ماڻهو جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو، تنهن کي تہ آئون سڃاڻان ئي ڪين.

72 ۽ يڪدم ٻئي ڀيري ڪڪڙ ٻانگ ڏني. ۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد پيئي، جو يسوع چيو هوس تہ ڪڪڙ ٻہ ڀيرا ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. ۽ انهي بابت خيال ڪندي روئي ڏنائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ