متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4 - Sindhi Bible1 تنهن کانپوءِ روح يسوع کي رڻ پٽ ڏانهن وٺي ويو، انهي لاءِ تہ شيطان کيس آزمائي. 2 ۽ هن چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزو رکيو، پوءِ کيس بک لڳي. 3 تڏهن آزمائڻ واري اچي چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين تہ حڪم ڪر تہ هي پهڻ ماني ٿي پون. 4 پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ لکيل آهي تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نہ جيئندو پر جيڪي بہ لفظ خدا جي واتان نڪرندا تن ڪري جيئندو.“ 5 تڏهن شيطان هن کي پاڪ شهر ۾ وٺي ويو، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس تہ 6 جي تون خدا جو فرزند آهين تہ پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏيندو، ۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، تہ متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي لڳي.“ 7 يسوع هن کي چيو، تہ هيئن بہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائج.“ 8 وري شيطان هن کي هڪڙي تمام اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ دنيا جون سڀ بادشاهتون ۽ سندين وڏائي ڏيکاريائينس، 9 ۽ چيائينس، تہ جي تون پيرين پئي مون کي سجدو ڪندين، تہ آئون توکي هي سڀ شيون ڏيندس. 10 تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“ 11 تڏهن شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ڏسو، ملائڪن اچي سندس خدمت ڪئي. 12 هاڻي جڏهن هن ٻڌو تہ يوحنا کي جهلايو اٿن، تڏهن پاڻ نڪري گليل ڏانهن ويو؛ 13 ۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي: 14 انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي تہ 15 ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو، جو يردن جي پار سمنڊ واري پاسي، غير قومن وارو گليل آهي، 16 تنهن جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي، ۽ جيڪي موت جي ملڪ ۽ پاڇي ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني اچي چمڪي.“ 17 انهي وقت کان وٺي يسوع منادي ڪري چوڻ لڳو تہ توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي. 18 ۽ گليل جي سمنڊ جي ڪناري تان لنگهندي هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون، جنهن کي پطرس ٿا سڏين، ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس؛ جن سمنڊ ۾ ڄار پئي وڌو؛ ڇالاءِ جو اُهي مهاڻا هئا. 19 ۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين منهنجي پٺيان اچو ۽ آئون اوهان کي ماڻهن جو مهاڻو بنائيندس. 20 ۽ هو هڪدم ڄار ڦٽا ڪري هن جي پٺيان اُٿي هليا. 21 اُتان اڳڀرو هلي هن ٻيا ٻہ ڀائر، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جن پنهنجي پيءُ زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ پنهنجي ڄارن جي مرمت پئي ڪئي، تن کي بہ سڏيائين. 22 تڏهن هو يڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پيءُ کي ڇڏي، سندس پٺيان هليا. 23 ۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو. 24 ۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو. 25 ۽ گليل، ۽ دڪاپلس، ۽ يروشلم ۽ يهوديہ مان، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر کان، ماڻهن جا وڏا ميڙاڪا اچي پٺيانئس هلڻ لڳا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society