متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27 - Sindhi Bible1 هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀني سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن يسوع کي ماري وجهڻ لاءِ سندس برخلاف صلاح مشورت ڪئي: 2 ۽ هن کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ وڃي پلاطس حاڪم جي حوالي ڪيائونس. 3 تڏهن يهوداهہ، جنهن جهلايو هوس، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن کي ڏوهاري ٺهرايو اٿن، تڏهن پڇتائي اُهي ٽيهہ روپيا سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ کڻي آيو، 4 ۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي. 5 ۽ هو اُهي روپيا هيڪل ۾ اُڇلائي هليو ويو، ۽ وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏنائين. 6 پوءِ سردار ڪاهنن اُهي روپيا کڻي چيو، تہ هنن جو خزاني ۾ رکڻ روا نہ آهي، ڇالاءِ جو اها خون جي قيمت آهي. 7 سو هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انهن پئسن سان پرديسين کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪنڀر جي ٻني خريد ڪئي. 8 جنهنڪري اُها ٻني اڄ ڏينهن تائين خون جي ٻني ٿي سڏجي. 9 تڏهن جيڪي يرمياهہ نبيءَ چيو هو، سو پورو ٿيو تہ ”جنهن جو ملهہ ڪن بني اسرائيلين رٿي ڇڏيو هو، تنهن جي قيمت لاءِ اُهي ٽيهہ روپيا هنن ورتا؛ 10 ۽ انهن اُهي روپيا ڪنڀر جي ٻنيءَ لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي فرمايو هو.“ 11 هاڻي يسوع حاڪم جي حضور ۾ بيٺو هو: ۽ حاڪم پڇيس، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع چيس تہ تون پاڻ ٿو چوين. 12 ۽ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ بزرگن هن تي ڏوهہ مڙهيا، تڏهن ڪوبہ جواب نہ ڏنائين. 13 تڏهن پلاطس چيس تہ تون ٻُڌين نٿو تہ هو ڪيترين ڳالهين جي توتي شاهدي ٿا ڀرين؟ 14 پر هن هڪڙي اکر جو بہ جواب ڪونہ ڏنس: تنهنڪري حاڪم کي ڏاڍو عجب لڳو. 15 هاڻي حاڪم جو اهو دستور هو تہ انهيءَ عيد تي جنهن بہ هڪڙي قيديءَ جي نالي ماڻهو چوندا هئس تنهن کي ڇڏيندو هو. 16 ۽ انهي وقت هنن جو هڪڙو مشهور قيدي برابا نالي هو. 17 تنهنڪري جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن پلاطس چين تہ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، تہ اوهان جي خاطر ڪنهن کي ڇڏي ڏيان؟ برابا کي يا يسوع کي، جو مسيح ٿو سڏجي؟ 18 ڇالاءِ جو کيس خبر هئي تہ هن کي حسد جي ڪري جهلايو اٿن. 19 ۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي. 20 هاڻي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن خلق کي چوري انهيءَ تي بيهاريو تہ هو برابا جي لاءِ عرض ڪن، ۽ يسوع کي مارائين. 21 پر حاڪم ورندي ڏيئي چين تہ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن کي اوهان جي خاطر ڇڏي ڏيان؟ هنن چيو تہ برابا کي. 22 پلاطس چين تہ تڏهن آئون يسوع کي ڇا ڪريان، جنهن کي مسيح ٿا چون؟ سڀني چيو تہ صليب تي چاڙهيوس. 23 هن چيو تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ صليب تي چاڙهيوس. 24 تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ منهنجي نٿا مڃين، اُٽلندو گوڙ ٿو مچي، تڏهن پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڌوتائين، ۽ چيائين تہ آئون هن راستباز ماڻهوءَ جي خون کان بي ڏوهو آهيان: اوهين پاڻ ڄاڻو. 25 ۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي. 26 تڏهن هن انهن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنو، پر يسوع کي چهبڪ هڻائي، صليب تي چاڙهڻ لاءِ حوالي ڪيائين. 27 تڏهن حاڪم جا سپاهي يسوع کي محلات مان وٺي ويا، ۽ سڄي پلٽڻ وٽس آڻي گڏ ڪيائون. 28 ۽ سندس ڪپڙا لاهي، هڪڙي قرمزي قبا ڍڪايائونس؛ 29 ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج کڻي هن جي مٿي تي رکيائون، ۽ هڪڙي ڇڙهي ساڄي هٿ ۾ ڏنائونس، ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي مسخري ڪري چوڻ لڳس، تہ سلام، اي يهودين جا بادشاهہ. 30 ۽ مٿس ٿُڪون وڌائون، ۽ اُها ڇڙهي وٺي اُنهيءَ سان مٿي تي ڌڪ هنيائونس. 31 ۽ جڏهن ساڻس مسخريون ڪري رهيا، تڏهن اُها قبا لاهي ورتائونس، ۽ سندس ڪپڙا ڍڪائي صليب تي چاڙهڻ لاءِ وٺي ويس. 32 جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ڪريني جو هڪڙو ماڻهو، شمعون نالي ڏٺائون: انهي کي بيگر ۾ جهلي پاڻ سان وٺي ويا تہ يسوع جو صليب کڻي هلي. 33 ۽ جڏهن هو هن کي گلگتا نالي هڪڙي جاءِ تي وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي کوپراٽيءَ واري جاءِ، 34 تڏهن هن کي شراب پيئڻ لاءِ ڏنائون، جنهن ۾ پت گڏيل هو؛ ۽ جڏهن هن اُهو چکيو، تڏهن پيئڻ جي نہ ڪيائين. 35 ۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهي رهيا، تڏهن سندس ڪپڙن تي پُکا وجهي پاڻ ۾ ورهائي کنيائون. 36 ۽ اُتي ويهي هن جي نگهباني ڪرڻ لڳا. 37 ۽ سندس تهمت نامو لکي مٿانئس هڻي ڇڏيائون تہ ”هي يهودين جو بادشاهہ يسوع آهي.“ 38 تنهن کان پوءِ ساڻس گڏ ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙهيائون؛ هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي. 39 ۽ جيڪي اُتان لنگهي پئي ويا، تن مٿس ٽوڪون پئي هنيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٿي چيائون تہ 40 اي هيڪل کي ڊاهڻ ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا، پاڻ کي بچاءِ: جي تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان لهي اچ. 41 هن ٻين کي ٿي بچايو، پر پاڻ کي نٿو بچائي سگهي. هو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ هاڻ ڀلي تہ صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين مٿس ايمان آڻيون. 42 ۽ ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنن، فقيهن ۽ بزرگن سان گڏجي چيو تہ 43 هو خدا تي ڀروسو ٿو رکي، سو جيڪڏهن هو کانئس خوش آهي تہ هاڻي ڇڏائيس، ڇالاءِ جو هن چيو ٿي، تہ آئون خدا جو فرزند آهيان. 44 ۽ جيڪي ڌاڙيل ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ کيس ساڳيا طعنا پئي هنيا. 45 هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي. 46 ۽ ٽئين پهر ڌاري، يسوع وڏي واڪي سان پڪاري چيو، ايلي ايلي، لما سبقتني، يعني، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ 47 ۽ جيڪي اُتي بيٺا هئا تن مان ڪن جڏهن اهو ٻڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو ايلياهہ کي ٿو سڏي. 48 ۽ يڪدم انهن مان هڪڙو ڄڻو ڊوڙي ويو، ۽ اسفنج کڻي، سرڪي سان ڀري، ڪاني تي رکي، هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. 49 ۽ ٻين چيو تہ ڇڏي ڏيو، ڏسو تہ ايلياهہ هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ. 50 ۽ يسوع وري بہ وڏي واڪي سان پڪاري پنهنجو ساهہ ڏنو. 51 ۽ ڏسو، هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ ڏونگر ڏري پيا؛ 52 ۽ قبرون کُلي پيون، ۽ گهڻا ئي اولياءَ جي سمهيا پيا هئا، سي اُٿي کڙا ٿيا؛ 53 ۽ يسوع جي جي اُٿڻ کانپوءِ قبرن کان ٻاهر نڪري اچي انهي پاڪ شهر ۾ گهڙيا، ۽ گهڻن کي ڏسڻ ۾ آيا. 54 هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو. 55 ۽ اُتي گهڻيون زالون جي گليل مان يسوع جي خدمت ڪنديون پٺيان آيون هيون، تن پريان بيٺي ڏٺو. 56 انهن ۾ مريم مگدليني ۽ يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ هيون. 57 ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن يوسف نالي هڪڙو دولتمند ماڻهو جو ارمتيہ جو ويٺل هو، 58 تنهن پلاطس وٽ وڃي يسوع جو لاش گهريو. تڏهن پلاطس ڏيڻ جو حڪم ڪيو. 59 ۽ يوسف اهو لاش هٿ ڪري انهيءَ کي هڪڙي صاف سنهي چادر ۾ ويڙهي، 60 ٽڪر ۾ جا پنهنجي نئين قبر کوٽائي هئائين، تنهن ۾ اهو رکيائين؛ ۽ هن هڪڙو وڏو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو ۽ هليو ويو. 61 ۽ مريم مگدليہ ۽ هوءَ ٻي مريم ٻئي قبر جي سامهون ويهي رهيون. 62 هاڻي تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ آيا؛ 63 ۽ چيائونس تہ سائين، اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو، تڏهن چوندو هو تہ ٽن ڏينهن کانپوءِ آئون وري جي اُٿندس. 64 تنهنڪري حڪم ڪر تہ ٽئين ڏينهن تائين قبر جي حفاظت ڪجي، متان سندس شاگرد اچي چورائي وڃنس، ۽ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي: تہ متان هيءَ پوئين ڀل پهرين کان بہ وڌيڪ خرابي پيدا ڪري. 65 پلاطس چين تہ اوهان وٽ پهري وارا تہ آهن، سو جيتري حفاظت ڪري سگهو اوتري وڃي ڪريو. 66 تڏهن هو پهري وارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا، ۽ پهڻ تي مهر هڻي، قبر جي حفاظت ڪيائون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society